نامياري شاعر مقصود گل جي وني ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

0
142
نامياري شاعر مقصود گل جي وني ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي
نامياري شاعر مقصود گل جي وني ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جي امڙ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نامياري شاعر مقصود گل جي وني، نامياري شاعر، براڊڪاسٽر ۽ ڪمپئر ياسر قاضيءَ ۽ ناليواري اديب ۽ تعليمدان نائله گل ”سپنا“ قاضيءَ جي امڙ ۽ نظم جي ماضيءَ جي نامياري شاعره، گلنار بدر قاضي 65 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. سندس آخري رسمون جمعي جي صبح جو سندس اباڻي ڳوٺ نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون وينديون. مرحومه پنهنجي پوئينرن ۾ 4 پٽ ياسر قاضي، ناصر مقصود گل نادر گل ۽ زوهيب گل ڇڏيا. جڏهن ته سندس وڏي نياڻيءَ جو 5 سال اڳ لاڏاڻو ٿي چڪو آهي. گلنار بدر قاضي 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي ۾ مختلف روزانين اخبارن جي نارين لاءِ شايع ٿيندڙ خاص صفحن ۽ عورتن لاءِ شايع ٿيندڙ رسالن ۾ تواتر سان لکيو. سندس لکيل نثري نظمن، مضمونن توڙي ڪالمن کي خاص طور تي ساراهيو ويو. هن پنهنجي ورَ، مقصود گل سان گڏجي 1995ع ۾ رتيديري ۾ عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول جو بنياد به وڌو. جنهن ۾ هوءَ تدريسي توڙي انتظامي معاملن ۾ مقصود گل صاحب جي ٻانهن ٻيلي پڻ رهي. هن پنهنجي قلمي پورهئي ۾ ٻن ڪتابن جيترو مواد ڇڏيو آهي.