پوليس جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو: ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ۽ ڀاڳيلن جون لسٽون ضلعن کي ڏيڻ جو حڪم

0
102
پوليس جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو: ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ۽ ڀاڳيلن جون لسٽون ضلعن کي ڏيڻ جو حڪم
پوليس جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو: ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ۽ ڀاڳيلن جون لسٽون ضلعن کي ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ سرڪار پاران پوليس جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو: ڀاڳيلن ۽ اشتهارين جون لسٽون ضلعي پوليس  کي ڏيڻ جي هدايت: ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ ڪالهه  گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئر پرسن فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (هوم)،  آءِ جي سنڌ، سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آءِ جي غلام نبي ميمڻ  صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ڪچي ۾ جاري پوليس آپريشن، اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام سميت ٻين پوليس قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جون وارداتون نئين شڪل اختيار ڪري ويون آهن پر پوليس شهرين جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار ۽ الرٽ آهي، سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيارن جي خريداري ۽ فراهمي تي سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. آءِ جي سنڌ اجلاس کي مفرور ۽ اشتهاري ڏوهارين ۽ ڏوهن ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو،  هن رنگين شيشن، نيري رنگ وارين لائيٽن( بليو بتين) ، جعلي/فينسي نمبر پليٽس خلاف ٽريفڪ مهم جي حوالي سان کنيل قدمن بابت پڻ آگاهي ڏني. آءِ جي سنڌ چيو ته ايس فور پروجيڪٽ تحت 40 ٽول پلازائن تي سي ايس ايڇ ٽي وي ڪيميرائون لڳايون ويون آهن،جنهن سان  ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي هن چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ پهرين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.آءِ جي سنڌ بحالي مرڪزن جي ضرورت ۽ اهميت تي به روشني وڌي، جڏهن ته 400 پراسيڪيوٽرن جي ڀرتي جو به مطالبو ڪيو. گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر جي سوال تي آءِ جي سنڌ چيو ته اسان وٽ بدعنواني کي منهن ڏيڻ لاءِ ايڊيشنل آء جي جي سربراهي ۾انٽرنل احتساب بيورو ڪم ڪري رهيو آهي، هن  چيو ته صوبي جي  485 ٿاڻن کي بجيٽ ڏني پئي وڃي.  ڊي ڊي او جو اختيار لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايچ اوز وٽ آهي هن چيو ته عادي ڏوهارين جي اي ٽيگنگ جو ڪم معزز عدالت جي اجازت سان ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پوليس خلاف شڪايتن لاءِ 1715 ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن تي ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته 1715 کي جلد آزمائينداسين. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ چيو ته گهريلو جهيڙن ۽ تڪرارن جي روڪٿام لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي،  فريال ٽالپر پي اسڪيل جي حساب سان پوليس ملازمن جي پگهارن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته پوليس اسان جي فرنٽ لائين فورس آهي، سپاهي فرضن جي ادائيگي دوران شهيد ٿي ويندا آهن، غازي بڻجندا آهن، سندن پگهارن ۾ اضافو وقت جي ضرورت آهي. اجلاس کي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پوليس کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ فراهم ڪيا آهن پر پوليس لاءِ رهائش جي فراهمي به انتهائي ضروري آهي، حڪومت پگهارن ۾ اضافو چاهي ٿي، تازو پگهارن ۾ اضافو به صدر آصف علي زرداري جي سنجيده حڪمن  ڪري ٿيو. ڪاميٽي جي ميمبر سهيل انور سيال چيو ته  ايس فور ۾ لڳل ڪيميرائن مان گاڏين ۾ موجود سمورن ماڻهن جي ڊٽيڪشن لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته فرار ٿيل ۽ اشتهاري جوابدارن جا تفصيل سمورن ضلعن کي فراهم ڪيا وڃن، جڏهن ته مري ويل جوابدارن کي فهرست مان ڪڍيو وڃي. چيئرپرسن فريال ٽالپر چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.