آئيني عدالت جو چيف جسٽس قاضي فائز هجي يا منصور علي شاهه مون کي ڪو مسئلو نه آهي: بلاول ڀٽو

0
28

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئيني عدالت جو چيف جسٽس قاضي فائز هجي يا منصور مون کي ڪو مسئلو نه آهي، توهان کي ڪنهن شخصيت سان مسئلو ٿي سگهي ٿو

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ بلوچستان بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته آئيني ترميم جي حوالي سان آئون هاڻوڪي چيف جسٽس لاءِ جدوجهد نه ڪري رهيو آهيان، ڪميٽي اتفاق راءِ سان جنهن کي جج مقرر ڪري اهو ئي جج ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته اسان 30 سالن جي جدوجهد کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي ته آئيني عدالت ٺهي، منهنجي نه پر توهان جي ڪنهن شخصيت لاءِ ايجنڊا ٿي سگهي ٿي، مون کي خبر آهي ته ملڪ ۾ انصاف ملڻ ڪيترو ڏکيو آهي،  توهان ڪنهن وزيراعظم کي نيڪالي ڏيو ۽ اسان ٻڙڪ به نه ڪڇون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيو ويو ته رياست ماءُ جهڙي هوندي پر پوءِ رياست پيءُ جهڙي ٿي وئي ۽ ان ۾ وڏو هٿ افتخار چوڌري جو هو، پهريون ڀيرو جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور جي زماني ۾ اميد نظر اچي رهي آهي، مون کي ڪو به مسئلو نه آهي انهن ٻنهي ججن مان ڪير به اچي آئيني عدالت ۾ ويهي

هن چيو ته نئين ميثاق جمهوريت ۾ پهريون مطالبو آهي ته آئيني عدالت ٺهڻ گهرجي، ڇا توهان يقين ڏياريندا ته سموري ارڙهين ترميم اڏائڻ جي ڌمڪي نه ڏني ويندي، ايڏا سارا ڪيس آهن جيڪي ٻڌا نه ٿا وڃن، هر ڪجهه مهينن بعد هڪ سياسي ڪيس اچي وڃي ٿو،

بلاول ڀٽو چيو ته چاهيان ٿو ته صوبائي سطح تي به آئيني عدالت هجي، هيل تائين وفاقي حڪومت سان جيڪو طئي ڪيو آهي اهو وفاقي آئيني عدالت آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪميٽي اتفاق راءِ سان جج جو فيصلو ڪري، ڪميٽي اتفاق راءِ سان جنهن کي جج بڻائي ان کي جج بڻجڻ گهرجي

پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ تمام خراب حالتون آهن پر ان کان اڳ ته ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال هئي، منهنجي والد بنا ڪنهن سزا جي قيد ڪاٽيو، اهو ئي عدالت جو نظام هو