فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري، اسان فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته فوج تي الزام نه هنيا، رڳو تنقيد ڪئي هئي، ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟
ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي، محسن نقوي هُنن جو ته نمائندو آهي، هنن جي ذريعي ئي هتي پهتو آهي، محسن نقوي سان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس، هُن آءِ جي پنجاب سان گڏجي اسان تي ظلم ڪيو
9 مئي واقعن ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو ماڻهو ملوث آهي ته ڀلي سزا ڏيو، حڪومت جو هڪ ئي مقصد آهي ته پي ٽي آءِ ۽ فوج کي ويڙهائي اسان جي پارٽي ختم ڪرائَي
اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته مونکي جڊيشل ڪمپليڪس مان اغوا ڪيو ويو ته چيف جسٽس عامر فاروق درست قرار ڏنو، چيف جسٽس عامر فاروق کي گذارش آهي ته منهنجي ڪيسز کان ڌار ٿي وڃي
هن کي به پڙهندا
عمران خان ٻيهر يوٽرن وٺي ڳالهين لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي: عطاء تارڙ