اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيمرا ڪونسل آف ڪمپلينٽس متعلق قانون سازي تي سوال اُٿاري ڇڏيا. عدالت قانون ۾ خامين جي نشاندهي ڪندي سيڪريٽرياطلاعات کي اسٽيڪ هولڊرز سان قانون ۾ بهتري جي تجويز تي مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت هي قانون سازي ڪري زيادتي ڪئي آهي. قانون سازي ٿورو سچي سمجهي ڪندا ڪريو ته پوءِ هي مسئلا نه ٿيندا. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين جي حقن جي تحفظ جي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق پيمرا ڪونسل آف ڪملينٽس متعلق قانون سازي تي سوال اُٿاريندي چيو ته هن قانون ۾ شديد خاميون آهن، ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت هي قانون سازي ڪري زيادتي ڪئي آهي. اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هن قانون سازي جي مخالفت ڪرڻ وارا درست هئا، چيف جسٽس ايڊيسنل اٽارني جنرل کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان هن قانون ۾ ترميم ڪريو، قانون سازي ڪرڻ اوهان لاءِ منٽ ڏيڍ منٽ جي ڳالهه آهي، ڪري وٺو. حڪومت ملازمن کي هڪ پرو امپلائي کاتي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ايڊيسنل اٽارني جنرل چيو ته قانون سازي پارليمينٽ جو ڪم آهي ڏهن منٽن ۾ ڪري يا منٽ ۾. جنهن تي چيف جسٽس کلندي چيو ته ڊيگهه ڇو ڪري رهيا آهيو، گهٽ وقت جي ڳالهه ڪريو. قانون سازي ٿورو سوچي سمجهي ڪندا ڪريو ته پوءِ هي مسئلو نه ٿيندو. مان ان معاملي ۾ نٿو وڃڻ چاهيان پر سوچڻ سمجهڻ کان بنا ترميم ڪئي وئي. في الحال ته پارليمينٽ به آهي. مشينري به تيار آهي، عدالت سيڪريٽري اطلاعات کي 20 نومبر کان اڳ صحافتي تنظيمن سان ملاقات ۽ مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.