ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ ھڪ پاسي تيز طوفاني برسات جاري آهي ته ٻئي پاسي اٿندڙ سامونڊي طوفان سامونڊي پٽي واسين تي خوف طاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جاري تيز طوفاني برساتن غريب پورھيتن جا ڪچا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا پر ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن پاران متاثرن جي هن مهل تائين ڪا به سار ناھي لڌي وئي
ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب جاري تيز طوفاني برساتن سبب تعلقي ٺٽي جي يوسي ڄنگھڙي جي ڳوٺ محمد امين شورو ۾ 5 پورھيتن شفيع محمد عرف شفو شورو، مٺو، عبدالمجيد، جمعون ۽ اقبال شورو جا گھر ڊاھي پٽ ڪرڻ سميت شفيع محمد شورو جي گھر جي ڀٽ ڪرڻ ڪري لکين روپين جي ماليت جي رکيل مشين پڻ ٽٽي ويئي
جڏھن ته ڳوٺ حاجي الھه بخش شورو ۾ پڻ 5 کان وڌيڪ پورھيتن انور شورو، نم، نورو، شرفو، بشير شورو، حاجي اسد شورو ۽ ٻين جا گھر ڊھي پوڻ ڪري گھرن ۾ رکيل سمورو سامان ضايع ٿي ويو آھي، ٻئي طرف ڳوٺ قائم شورو جو رستو پڪو نه ھجڻ ڪري ڳوٺاڻا شھرن کان ڪٽجي ويا آھن، جن جا بيمار ماڻھون اسپتالن تائين به پھچي نٿا سگھن
ھوڏانھن سمورا برسات متاثر برسات ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن جي ڪنھن به سار ناھي لڌي، برسات متاثر وڏيرو شفيع محمد عرف شفو شورو ۽ ٻين چيو آهي ته ھن واري برساتن وڏي تباھي مچائي ڇڏي آھي، سوين پورھيتن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، جن جي يوسي چيئرمين سميت ڪير به سار لھڻ وارو ناھي
ھنن چيو ته ھتان جا بي گھر ٿيل برسات متاثر انتھائي سخت مشڪلاتن ۾ زندگي پيا گذارين، يوسي چيئرمين رڳو پنھنجي من پسند ماڻھن کي نوازڻ ۾ پورو آھي، جنھن وٽ آيل سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان به پنھنجي ڳوٺ جي ماڻھن کي ڏيئي ڇڏيون آھن، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن گھر ڪئي ته برسات متاثرن جي پوئيواري ڪري ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏيئي برساتن کان بچائي کين گھر پڪا ڪري ڏياريا وڃن
ٻئي طرف ٺٽي ويجھو فقير جي ڳوٺ واري شھر لڳ ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ ابوڙو جاکرو جي رھواسي ميرحسن عرف ميرل جاکرو جو گهر ڊھي پوڻ سميت پاڻ به گھر کي نقصان کان بچائيندي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي
ٻئي طرف موسميات کاتي طرفان سامونڊي طوفان جي ڪيل اڳڪٿي بعد ضلعي ٺٽي جي سامونڊي علائقن ڪيٽي بندر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوائن جي گھلڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي، جڏھن ته برساتن جو سلسلو اڳ کان ئي جاري آھي، جنھن ڪري سامونڊي پٽي واسي سخت پريشان حال بڻيل آھن، پر انھن جي ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران هن مهل تائين ڪابه سار ناھي لڌي وئي جڏهن ته برسات متاثرن پاران وس وارن کان واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي