اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته دهشتگردي روڪ ترميمي بل 2024 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، بل تحت حڪومت ۽ سول آرمڊ فورسز کي 3 مهينن تائين حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي
پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته هي بل آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي جي سرگرمين ۾ واڌ ٿي آهي، حڪومت کي اهو جواب ڏيڻو پوندو ته اها ڇو ناڪام رهي آهي
هن مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ جي ان ڪيمرا اجلاس ۾ دهشتگردي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي، 2014 ۾ دهشتگردي ايڪٽ ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون ويون، ڇا ان سان جاچ ۽ پراسيڪيوشن ۾ بهتري آئي؟
ڇا انهن حراستن ۽ انڪوائرين سان دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ سزا جي شرح وڌي هئي؟ 2014 جي ترميمن سان گم ٿيل ماڻهن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي؟
رضا رباني چيو ته نئين تجويز ڪيل ترميم حڪومت ۽ هٿياربند فوج کي ڪنهن فرد کي 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ جو اختيار ڏئي ٿي، اها آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي، دهشتگردي روڪ ايڪٽ جو ماضي ۾ غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي