ٽنڊو آدم ۾ سولنگي ۽ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ قتل تان جاري تڪرار جي نبيري لاءِ جرڳو، چانڊيا ڌر تي نوجوان جو قتل ثابت ٿيڻ تي 81 لک روپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي وئي
جرڳو ٽنڊو آدم ۾ پارس هائوس تي اڳوڻي سينيٽر فدا حسين ڏيرو جي سرپينچي هيٺ ٿيو، ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد چانڊيا ڌر تي سولنگي برادري جي نوجوان نظير احمد جو خون ثابت ٿيو
جوابدار ڌر تي 81 لک 3 هزار 945 روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جوابدار ڌر پاران ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو