ٽنڊي باگي تعلقي ۾ برساتن جي تباهي، شهر جا 5 وارڊ ۽ 200 ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل

0
30
ٽنڊي باگي تعلقي ۾ برساتن جي تباهي، شهر جا 5 وارڊ ۽ 200 ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل
ٽنڊي باگي تعلقي ۾ برساتن جي تباهي، شهر جا 5 وارڊ ۽ 200 ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل

ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو شھر سميت ڳوٺ خليفو قاسم، ابراھيم  لغاري، اوڪو ڪولھي، جمالي ڦڙدو، حسين اوٺو، جليل ملاح، ميانجي عثمان ملاح، کاڏو، صالح چانھيو، ڪوڏو ڪلوئي سميت 200 ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي

برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻن سومار درس، محمد قاسم، عثمان درس، حليمان، بلقيس ڪوري، وڪيو ملاح، ڪمال ھنڱورجو، مصري ملاح ۽ ٻين جا 500 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا

شھر سميت ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن  ارشاد خواجا، يوسف ملاح، محمد ملاح لال خان چانڊيو، گلزار درس ٻين ٻڌايو ته 3 کان 4 فٽن تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون

ھنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي به نه آهي، مليريا، گيسٽرو ۽ ڊائريا جا مرض پکڙجي ويا آهن، هنن اپيل ڪئي ته پاڻي نيڪال ڪرائي واهر ڪئي وڃي