قمبر (رپورٽر) ايران مان زيارتن بعد واپس ايندڙ پاڪستانين کي تفتان بارڊر تي پاڪستان انتظاميا سيڪيورٽي جي خدشن سبب روڪي ورتو، هزارين پاڪستاني هڪ هفتي کان تفتان بارڊر تي ترسيل آهن، خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سميت رهائش جو جوڳو بندوبست نه هئڻ سبب ڪيتريون ئي زائرين عورتون ۽ مرد بيمار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ قمبر جي قافلي جي سالار بيدار حسين ڏيرو فون ذريعي ٻڌايو ته انتظاميا سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي تفتان بارڊر تي روڪي ڇڏيو آھي، هڪ هفتي کان ويٺل آھيون، پاڪستان جي مختلف علائقن جا هزارين زائرين جن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، سخت تڪليفن ۾ آھيون، تعمير ٿيل پاڪستاني هائوس ماڻھن سان ڀرجي ويو آھي، ماڻھو روڊ رستن ۽ ميدانن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن، پيئڻ جو پاڻي ۽ خوراڪ ختم ٿي وئي آھي، جڏھن ته خرچ لاءِ پئسا نه بچيا آھن، اهڙي صورتحال ۾ اڪثر ماڻھو بک ۽ بدحالي سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، انتظاميا طرفان ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آھن، سيڪيورٽي عملدار دلاسا ڏئي رهيا آھن، هن چيو ته ڪوئيٽا تفتان بارڊر کان تقريبن 600 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آھي، جيڪڏھن سيڪيورٽي جو مسئلو آھي ته انتظاميا بارڊر تي ڦاٿل ماڻھن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري