سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ آڏو 24 ڪيس مقرر: ڪاز لسٽ جاري: اڄ ۽ سڀاڻي ٻڌڻي

0
28
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرريءَ خلاف نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرريءَ خلاف نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ آڏو 24 ڪيس مقرر ڪيا ويا، ڪاز لسٽ جاري ٿي وئي،  اڄ ۽ سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي، تفصيل موجب 26 هين ترميم جي نتيجي ۾ قائم ٿيل آئيني بينچ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ اڄ کان باضابطا ڪم شروع ڪندي، آئيني بينچ ۾ جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس عائشه ملڪ سميت 7 ججز شامل آهن جڏهن ته اڄ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني بينچ ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس عائشه ملڪ موجود نه هوندي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب آئيني بينچ آڏو پهريون ڪيس ماحولياتي گدلاڻ بابت مقرر ڪيو ويو آهي  اُهو ڪيس 1993ع کان التوا هيٺ آهي، جڏهن ته  قاضي فائز عيسيٰ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس طور مقرري بابت نظرثاني درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. آئيني بينچ اسٽيل مل کي ڊي سيل ڪرڻ متعلق درخواست جي ٻڌڻي ڪندي. اڳوڻي صدر عارف علوي جي برطرفي خلاف داخل درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. 2024 جون عام چونڊن ري شيڊول ڪرڻ جي درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. پي ڊي ايم حڪومت ۾ هجڻ واري قانون سازي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.آئيني بينچ سڀاڻي  گلوڪارهمشا شفيع هراسمينٽ مختلف ڪيسن جي پڻ  ٻڌندي ڪندي،  جڏهن ڌرين کي نوٽيس جاري  ڪيا ويا آهن