اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 25 ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ف پاران مخالفت ڪئي وئي
جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو ته انگ وڌائي مرضيءَ جا ججز سپريم ڪورٽ ۾ آندا پيا وڃن، پي ٽي آءِ جي حامد خان چيو ته ججز مقرري جو اهو طريقيڪار عدليه جي آزادي تي حملو آهي، پيپلز پارٽي گهٽ ۾ گهٽ انگ 21 لازمي ڪرڻ جي حمايت ڪئي
هوڏانهن وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي آرڊيننس سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ايوان ترميمي آرڊيننس اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، آرڊيننس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت قائم 3 رُڪني ججز ڪاميٽي لاءِ ٽيون ميمبر نامزد ڪرڻ جو اختيار چيف جسٽس کي ڏنو ويو
سيپٽمبر ۾ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي سپريم ڪورٽ ۾ هر سبب، اپيل يا معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ بينچ ٺاهيندي. ڪاميٽي چيف جسٽس، سينيئر ترين ججز ۽ چيف جسٽس پاران نامزد ڪيل ججز تي مشتمل هوندي. بنيادي حقن بابت عوامي اهميت جي معاملن تي بينچ فيصلو ڪندي ته اهو معاملو عوامي اهميت جو آهي يا نه، جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن بينچ ڪيس کي پهريان ٻڌي ته ان جا ڪارڻ ان کي ڏيڻا پوندا