سپريم ڪورٽ ججز انگ 23 ڪرڻ وارو بل جمعي تي منظوري جون تياريون، چيف جسٽس جو بينچ جوڙڻ وارو اختيار بحالي تي غور

0
22
سپريم ڪورٽ ججز انگ 23 ڪرڻ وارو بل جمعي تي منظوري جون تياريون، چيف جسٽس جو بينچ جوڙڻ وارو اختيار بحالي تي غور
سپريم ڪورٽ ججز انگ 23 ڪرڻ وارو بل جمعي تي منظوري جون تياريون، چيف جسٽس جو بينچ جوڙڻ وارو اختيار بحالي تي غور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران اتحاد پاران سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي تعداد ۾ واڌ جو بل جمعي ڏينهن منظور ڪرائڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي ، حڪمران اتحاد پنهنجي ميمبرن کي جمعي ڏينهن حاضري کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

تفصيل موجب 26 آئيني ترميم جي منظوري ذريعي چيف جسٽس جي مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ ۽ آئيني بينچن جي قيام جو آئين ۾ تصور شامل ڪرائڻ بعد حڪمران اتحاد سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ترميمي بل منظور ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آھي

ذريعن ٻڌايو آھي ته حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر دانيال چوڌري 10 سيپٽمبر 2024 تي سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو تعداد 17 مان وڌائي 23 ڪرڻ لاءِ ترميمي بل پيش ڪري چڪو آھي جڏهن ته سينيٽ ۾ بلوچستان مان آزاد سينيٽر عبدالقادر به سينيٽ ۾ پهرين آگسٽ تي سپريم ڪورٽ جي ججز جو تعداد 17 مان وڌائي 21 ڪرڻ جو ترميمي بل پيش ڪري چڪو آھي، ذريعن مطابق حڪمران اتحاد غور ڪري رهيو آھي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل مٿي ڄاڻايل ترميمي بل مان ڪهڙي بل کي منظوري ڪرائجي ۽ ججز جو تعداد ڪيترو وڌائجي، تياريون آخري مرحلي ۾ پهتل آھن

ذريعن مطابق حڪمران اتحاد ايندڙ جمعي ڏينهن تي اهڙو بل منظور ڪرائڻ تي غور ڪري رهيو آھي جنهن لاءِ حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جي مختلف ميمبرن تصديق ڪندي ٻڌايوآھي ته کين جمعي ڏينهن تي اجلاس ۾ حاضري کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

ذريعن اهو به ٻڌايو آھي ته حڪمران اتحاد پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ به ترميم منظور ڪرائڻ تي غور ڪري رهيو آھي

ذريعن مطابق حڪمران اتحاد سپريم ڪورٽ ۾ بينچن جي جوڙجڪ ڪرڻ بابت قانون ۾ ترميم ڪري پراڻي طريقيڪار کي بحال ڪري بينچن جي جوڙجڪ جو اختيار اڳ وانگر اڪيلي چيف جسٽس حوالي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آھي

ذريعن جو چوڻ آھي ته ان حوالي سان هڪ ٻي تجويز تي به غور ڪيو پيو وڃي ته بينچن جي جوڙجڪ ڪرڻ جو اختيار هن وقت قانون تحت چيف جسٽس سوڌو  ٽن سينئر ججز کي مليل آھي جنهن کي وڌائي بينچن جي جوڙجڪ جو مامرو پنج ججز کي ڏيڻ يا اڳ وانگر اڪيلي چيف جسٽس کي ئي اهو اختيار ڏنو وڃي وارين تجويزن کي حتمي صورت ڏئي ان حوالي سان به بل جمعي تائين منظور ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آھي جنهن بابت مشاورتي عمل جاري ٻڌايو پيو وڃي، مشاورتي عمل بعد انهي بل جي متن کي حتمي صورت ڏئي منظور ڪرايو ويندو

ذريعن موجب ان سلسلي ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي چئمبر ۾ نئين قانونسازي بابت مشاورتي اجلاس دوران تجويزون پيش ڪيون ويون، جي يو آءِ سپريم ڪورٽ جي ججز جو انگ وڌائڻ سان گڏ هاءِ ڪورٽ ججز جو انگ پورو ڪرڻ جي تجويز ڏني، پيپلز پارٽي پاران قانونسازي ۾ تڪڙ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، خصوصي ڪاميٽي وسيلي سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ تي زور ڏنو، اسپيڪر اياز صادق سياسي پارٽين جون تجويزون حڪومت آڏو پيش ڪندو