اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ ۾ 97 ارب رپين جا 3 هزار 496 مالياتي ڪيس التوا ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران ٽيڪس ڪيسز ۾ مقدمي بازي سبب قومي ناڻي کي ٿيندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ مالياتي ڪيسز جو انگ گهٽائڻ ۽ جسٽس سيڪٽر ريفارمز لاءِ رجسٽرار سُپريم ڪورٽ جي سربراهي 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڪيسز اُڪلائڻ بابت اهم اجلاس ٿيو، ايف بي آر چيئرمين، اٽارني جنرل، قانون ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريتري سوڌو ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس بابت جاري پڌرائي موجب چيف جسٽس مختلف عدالتي فورمز تي التوا هيٺ مالياتي ڪيسز جي نشاندهي ڪئي، هُن ٽئڪس ڪيسز ۾ غيرضروري التوا ۽ اسٽي آرڊر وٺڻ واري روايت ٽوڙڻ لاءِ زور ڀريو، پڌرائي موجب رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي سربراهي ۾ جُڙيل ڪاميٽي ۾ ايف بي آر جا نمائندا ۽ ٽئڪس ماهر شامل هوندا، اٽارني جنرل ۽ ناڻي بابت ڪاميٽي جو سيڪريتري مدد مهيا ڪندا، ڪاميٽي مالياتي ڪيسز جي درجي بندي ڪندي ۽ جلد اُڪلائڻ بابت تجويزون ڏيندي
سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 1372 دهشتگردي ڪيس التوا جو انڪشاف
اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي ججز جو به اجلاس ٿيو، جنهن دوران سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جا ڪيس التوا ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو، سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي ججز جي اجلاس دوران ملڪ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اي ٽي سي عدالتن جا مانيٽرنگ جج شريڪ ٿيا، وفاق ۽ سمورن صوبن جا پراسيڪيوٽر جنرلز به موجود هئا، اجلاس جي پڌرائي موجب چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته اُهي غيرجانبدار ۽ بنا ڪنهن خوف جي قانون جي پاسداري ڪن، اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته سموري ملڪ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ 2 هزار 273 ڪيس التوا جو شڪار آهن، اُنهن مان سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ هڪ هزار 372 ڪيس التوا ۾ پيل آهي، چيف جسٽس بيڪ لاگ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ڪيسز کي جلد اُڪلائڻ تي زور ڀريو، پڌرائي موجب چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اي ٽي سي عدالتن ۾ مدو پورو ڪندڙ ججز کي نرم عهدن تي جاءِ ڏني وڃي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ججز کي پرڏيهه ۾ تربيت جا موقعا ملڻ گهرجن، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اٽارني جنرل توڙي پراسيڪيوٽر جنرل وفاق ۽ صوبائي حڪومتن آڏو معاملا اُٿارين، اي ٽي سي عدالتن جي بُنيادي ڍانچي ۽ وسيلن جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم ضروري آهن، چيف جسٽس چيو ته ججز ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ کانسواءِ فيصلا ڏين
سنڌ هاءِڪورٽ ۾ آئيني بينچز جوڙڻ لاءِ اڄ جوڊيشل ڪميشن اجلاس
اسلام آباد :چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز لاءِ ججز جي نامزدگي تي غور لاءِ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ ۾ آئيني بينچن جي قيام لاءِ ججز جي نامزدگي تي غور ڪيو ويندو، جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس منصور شاهه، جسٽس منيب، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل شرڪت ڪندو، جوڊيشل ڪميشن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا نامزد ڪيل ميمبر ۽ پاڪستان جو نمائندو به هوندو. جسٽس امين الدين کي آئيني بينچز جو سربراهه مقررڪيو ويو آهي، جوڊيشل ڪميشن ۾ بطور آئيني بينچ سربراهه شرڪت ڪندو
چيف جسٽس پاران جلد ڪيس اڪلائڻ ۽ تڪڙي انصاف لاءِ منصوبو تيار
اسلام آباد: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پاران جلد انصاف جي فراهمي ۽ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سمورين ڌرين، عدالتي عملي، وڪيلن سان مشاورت ۽ عوامي بحث بعد منصوبي جي مسعودي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سپريم ڪورٽ جي پڌرائي مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان جلد انصاف جي فراهمي جي لاءِ اصلاحاتي منصوبي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. مختلف شعبن جي ماهرن تي مشتمل ٽيم موجود وسيلن جو جائزو ورتو. پڌرائي مطابق سڌارن وارن قدمن سان ڪيسز جو بار گهٽجڻ سان گڏ بهتر انصاف جي فراهمي ٿيندي. اهم ۽ پٺتي پيل طبقن جي ڪيسز کي ترجيحي بنيادن تي اُڪلايو ويندو. اصلاحاتي منصوبي جي حوالي سان سمورن ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. جنهن بعد عدالتي عملي ۽ وڪيلن کي به مشاورت ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ قابل عمل منصوبي جي مسودي کي عوامي بحث بعد حتمي شڪل ڏني ويندي
اسان جو ڪيس آئيني بينچ ۾ موڪليو: روينيو کاتي جي فرمائش
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ نه جڙڻ سبب ڪيس التوا جو شڪار ٿيڻ لڳا، وڪيل پڻ سرڪاري ادارن خلاف ڪيس آئيني بينچ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي فرمائش ڪندي نظر آيا، ڪالهه بورڊ آف روينيو خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل اعتراض ڪندي چيو ته اهو ڪيس هاءَ ڪورٽ جي عام بينچ جي دائري ۾ نٿو اچي، 26هين آئيني ترميم کانپوءِ اٿارٽيز خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي صرف آئيني بينچ ڪري سگهي ٿي، جنهن تي جسٽس ظفر راجپوت چيو ته اوهان جو ڪيس آئيني ترميم کان متاثر نٿو ٿئي, اسان انهي جي ٻڌڻي ڪري سگهون ٿا، جنهن تي وڪيل چيو ته بهتر ٿيندو ته اسان جو ڪيس آئيني بينچ منتقل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن عدالت وڪيلن ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي ڪيس جي نوعيت بابت آرٽيڪل ڪيس جي ٽائٽل سان گڏ لکڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو