سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرريءَ خلاف نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي

0
17

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرريءَ خلاف نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي، درخواست گذار رياض حنيف راهي نظرثاني درخواست تي دليل ڏنا، درخواست گذار چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ طور مقرري عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي هئي، جسٽس محمد علي مظهر درخواست گذار کان سوال ڪيو ته اوهان اهو ٻڌايو ته عدالتي فيصلي ۾ ڇا صحيح نه هو جنهن تي نظرثاني ڪئي وڃي ؟ درخواست گذار چيو ته سپريم ڪورٽ ڀٽو ڪيس به 40 سالن کانپوءِ ٻڌو، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته هيءَ نظرثاني درخواست آهي، ڪيس ٻيهر نه ٿا کولي سگهون، جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته هيءُ فورم سياسي تقريرن جو ناهي، قانون کان هٽي نه ٿو سگهجي، ڪيسز ۾ پرسنل نه ٿيو ۽ قاضي صاحب جي جان ڇڏيو، آئيني بينچ دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي