فلسطيني رياست جي حمايت، دنيا قتلام روڪرائي اسرائيل کي جنگبندي تي آڻي، ايران مٿان حملي کان پاسو ڪيو وڃي: عرب اسلامي ڪانفرنس

0
49
فلسطيني رياست جي حمايت، دنيا قتلام روڪرائي اسرائيل کي جنگبندي تي آڻي، ايران مٿان حملي کان پاسو ڪيو وڃي: عرب اسلامي ڪانفرنس
فلسطيني رياست جي حمايت، دنيا قتلام روڪرائي اسرائيل کي جنگبندي تي آڻي، ايران مٿان حملي کان پاسو ڪيو وڃي: عرب اسلامي ڪانفرنس

رياض (م ڊ) عرب اسلامي ڪانفرنس فلسطيني رياست جي حمايت ڪندي عالمي برادري کي چيو آهي ته اسرائيل کي جنگبندي مجبور ڪري، ايران تي حملي کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ ۽ سندس سلامتي ڪائونسل ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان پاران فلسطين، لبنان ۽ ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي، رياض ۾ عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ خطاب ڪندي سعودي ولي عهد چيو ته عالمي برادري اسرائيل کي جنگبندي تي مجبور ڪري، اسرائيل پاران مسجد الاقصيٰ جو تقدس پائمال ڪرڻ جي مذمت ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جَي قيام جِي حمايت ڪريون ٿا، لبنان تي جاري اسرائيلي حملن لبنان جي خودمختياري کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، فلسطين ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪرائي وڃي، غزه ۾ انساني بحران تصور کان وڌيڪ آهي، فلسطينين خلاف ڏوهه نسل ڪشي برابر آهن، دُنيا پاران اکيون ٻوٽڻ سان اسرائيل جي همٿ وڌي رهي آهي، فلسطين ۾ عالمي انساني تحفظ بابت قانون جا بخيا اڍيڙيا ويا آهن، غزه ۾ فوري جنگبندي جي ضرورت آهي، فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي، جنهن جي راڄڌاني القدس شريف هجي فلسطيني صدر پاران سلامتي ڪائونسل مان اسرائيل جي رُڪنيت معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، محمود عباس خطاب ۾ چيو ته عالمي برادري فلسطينين خلاف يهودي آبادڪارن جي جاري دهشتگردي روڪڻ ۾ مدد ڪري، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته اسرائيل غزه پٽي کانپوءِ ويسٽ بئنڪ ۾ فلسطينين جي وجود جو خاتمو چاهي ٿو، اُنَروا تي پابندي جو مقصد ٻه رياستي حل سبوتاز ڪرڻ آهي، لبناني وزيراعظم لبنان تي اسرائيلي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسرائيلي حملن سبب تباهي جو ڪاٿو پنج ارب ڊالرز کان وڌي ويو، شام جي صدر بشار الاسد چيو ته خطي ۾ نسل ڪشي ۽ قتلام جي روڪٿام وقت جي گهرج آهي، مصر جي صدر چيو ته جنگ بدران ٻه رياستي حل تي عمل ڪيو وڃي، عرب اسلامي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سوڌو 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن ۽ خصوصي نمائندن شرڪت ڪئي.