سکر ۾ مهر- جتوئي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي 7 خون ثابت، 2 ڪروڙ 20 لک ڏنڊ

0
37
سکر ۾ مهر- جتوئي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي 7 خون ثابت، 2 ڪروڙ 20 لک ڏنڊ
سکر ۾ مهر- جتوئي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي 7 خون ثابت، 2 ڪروڙ 20 لک ڏنڊ

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ مهر جتوئي ڌرين ۾ تڪرار جو جرڳو، 7 خونن جو ڌرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 20 لک روپيا ڏنڊ، زخمين ۽ زمينن وارو معاملي تي ڪاميٽي قائم، هفتي اندر نبيرو ڪيو ويندو، اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 25 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو، تفيصل موجب سکر سرڪٽ هائوس ۾ پ پ ايم اين اي علي گوهر مهر جي سرپئنچيءَ ۾ شڪارپورسان تعلق رکندڙ مهر جتوئي براري جي ٻن ڌرين ۾ خوني  تڪرار جو جرڳو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙسن توڙي متاثر ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرين جا بيان ٻڌي ساک کانپوءِ ڪريم ڏنو بڊاڻي جرڳي جي فتويٰ ٻڌائي، فتوي مطابق جهيڙيندڙ مهر ۽ جتوئي ڌرين تي مجموعي طور 7 خون ثابت ٿيا، مهر ڌر جا هڪ نياڻي سميت 5 خون جتوئي ڌر تي ۽ جتوئين جا ٻه خون مهر ڌر مٿان ثابت ٿيا، في خون جو عيوضو 25، 25 لک روپيا ۽ نياڻي جي خون جو معاوضو 50 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ عورت جي اغوا ۽ بي حرمتي جو ڏنڊ مهر ڌر تي 20 لک روپيا مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور تي مهرن جي پنجن خونن جو جتوئي ڌر مٿان ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڏنڊ پيو، جڏهن ته جتوئي برادري جي ٻن ڄڻن جي قتل ۽ هڪ عورت کي اغوا، بي حرمتي جو 70 لک روپيا ڏنڊ لڳايو ويو، زخمين لاءِ ڪريم ڏنو بڊاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ چار رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا زخمين جا زخم ڏسي هفتي اندر  فيصلو ڪندي، اهڙي ريت زمينن جا معاملا به ڄاڻايل ڪاميٽي هفتي اندر حل ڪندي، اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 25 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فتويٰ ۾ ٻڌايو ويو ته چوري جي واردات دوران مارجي ويندڙ چور جو عيوضو ساٿي چور ڀريندا، ڀاڳيا ڪو نه ڀريندا، فتويٰ ۾ وڌيڪ چيو ته اغوا ڄاڻايل فريد ۽ عامر جي اغوا جي الزام هيٺ آيلن کان ساک ورتي ويندي، ذريعن موجب ان معاملي تي متاثر ڌر اعتراض لڳايو هو ته مغوين اغوا ڪندڙن کي سڃاتو هيو، تنهن ڪري مغوين کان ساک ورتي وڃي، پر نيڪ مردن اهو فيصلو ڪيو، فتويٰ مطابق ٻئي ڌريون چوپايو مال ۽ ٻيو سامان هڪ ٻئي کي واپس ڪنديون، ٻيا نقصان ختم ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪيس قانون موجب اڪلايا ويندا، وڪيلن جا خرچ الزام هيٺ آيل ڌر ڀريندي

زخمين جي معاوضي لاءِ ٽن ڄڻن جي ڪاميٽي قائم

سکر: سکر سرڪٽ هائوس ۾ ٿيل جرڳي ۾ زخمين جو معاوضو طئي ڪرڻ لاءِ امير علي جتوئي، ڪريم ڏنو، عمران مهر ۽ محبوب مهر تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا هفتي اندر زخمين ۽ زميني معاملن کي ڏسي فيصلو ڪندي. جرڳي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئنده جيڪڏهن ڪو ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ ڪو مارجي ويو ته پوليس وارن جي وارثن سان جهيڙو نه ڪيو ويندو. آئيندا جيڪڏهن چور ڀاڳيو ماري ٿو ته اُن جو ڏنڊ ڀاڳيو نه ڀريندو. چور ۽ اُن جا ساٿي ڀريندا.

رستم ۾ تازو قتل ٿيل صدام مهر جا وارث جرڳي ۾ نه آيا

سکر: تازو رستم ۾ قتل ٿي ويل صدام مهر متعلق جرڳو نه ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو آهي ته صدام مهر جي وارثن پاران جرڳي لاءِ حامي نه ڀري، جن جو چوڻ هو ته جتوئين بيگناهه اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، اسان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪنداسين.

جهيڙيندڙ ڌرين کي ڌار ڌار ويهاريو ويو، سڄو ڏينهن بک ۾ پاهه

سکر: سرڪٽ هائوس جي پڌر تي شاميانو لڳايو ويو، جنهن ۾ ٻه پاسا ٺاهيا ويا هئا، هڪ طرف جهيڙيندڙ جتوئي ۽ ٻئي طرف مهرن کي ويهاريو ويو هو، جڏهن ته اسٽيج پڻ تيار ڪيو ويو هو، جتي پيئڻ جي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو هو، صبح جو سوير پهتل ماڻهن کي ماني به شام جو ڏني وئي.

پوليس توڙي انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا ڪي به انتظام نه ڪيا ويا

سکر: سرڪٽ هائوس سکر ۾ پوليس توڙي انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا انتظام نه ڪيا ويا. اڳ سرڪٽ هائوس توڙي نجي هالز ۾ ٿيندڙ جرڳن ۾ پوليس جي وڏي نفري موجود هوندي هئي، هن ڀيري ڪو به پوليس جو عملدار، ڪنهن ٿاڻي جو ايس ايچ او موجود نه هيو