ڪراچي: افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي 2018ع کان جناح اسپتال جي ريڊيالاجي ڊپارٽمينٽ جا خرچ سنڌ حڪومت ادا ڪري رهي آهي. هاڻي 41 لک ڊالرن جي لاڳت سان جديد سائبر نائف مشين آندي وئي آهي جنهن سان آپريشنل گنجائش چار ڀيرا وڌي وئي آهي
هن چيو ته وفاقي حڪومت 25 سالن ۾ ٽن وڏين اسپتالن کي سنڌ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي پر تنهن هوندي اوچتو عجيب و غريب اعلان ڪيا پيا وڃن جنهن تي اسان پريشان ٿي وڃون ٿا ته انهن جو جواب ڪيئن ڏينداسين. اسان کان پڇيو وڃي ٿو ته اسان ٻين صوبن جيان صحت ڪارڊ ڇو نٿا ڏيون. اسان چئون ٿا ته پرائيويٽ سيڪٽر کي 50 سيڪڙو پريميئم ڏيڻ بدران پنهنجن ادارن کي بهتر ڇو نه بڻايو وڃي. چيئرمين بلاول ۽ وزير اطلاعات به مون کان ناراض آهن ته اهي ٽي وي تي نظر ڇو نٿا اچن. مان چوان ٿو ته اسان ڪم تي يقين رکون ٿا، جيڪڏهن توهان ٽي وي تي ايندا رهندا ته توهان ڪڏهن ڪم ڪندا ؟
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ وفاقي حڪومت پهريان اسان کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي پر جڏهن هنن اسان کي ڏني ۽ اسپتال بهتر ٿي ته اوچتو وفاقي حڪومت جا نمائندا اچي ويٺا ۽ چيو ته اسپتال هلائينداسين. هڪ صاحب بار بار اچي چوندو هو ته مان بورڊ آف گورنرس جو صدر آهيان ۽ اسپتال هلائيندس، هڪ وقت هو جڏهن اسان کيس چاٻيون ڏنيون ۽ چيو ته ٽنهي ادارن کي هلايو پر هو پوئتي هٽيو بهرحال، ڏکائيون اڃا تائين آهن.