اليڪشن ڪميشن کي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو
عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين مارچ واري فيصلي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، چونڊ نشان نه ملڻ سان ڪنهن پارٽي جو چونڊون وڙهڻ وارو حق ختم نٿو ٿئي، هن ڪيس ۾ ڌُر ٿيڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست موجود هئي، عام طور تي ڌُر ٿيڻ واري درخواست تي پهرين فيصلو ڪيو ويندو آهي
عدالت چيو اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سياسي پارٽين جي نظام تي ٻڌل پارلياماني جمهوريت ۾ ايترا آزاد اُميدوار ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ پر اِن سوال جو ڪوبه اطمينان جوڳو جواب نه آيو
چونڊ تڪرار ۾ سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته ووٽر جي حق جو تحفظ ڪري ۽ ووٽر جي نمائندگي واري حق تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي
عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ جمهوري عمل جي ضامن ۽ حڪومت جو چوٿون ٿنڀ آهي، پر ڪميشن چونڊن ۾ اها ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن اليڪشن ڪميشن غلطيون ڪري ته عدالتي مداخلت ضروري ٿي ويندي آهي