سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ دوران اميدوارن جي حامين وچ ۾ جهيڙا

0
23
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ دوران اميدوارن جي حامين وچ ۾ جهيڙا
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ دوران اميدوارن جي حامين وچ ۾ جهيڙا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ننڍي مڪاني چونڊ لاءِ پولنگ دوران اميدوارن جي حامين وچ ۾ جهيڙا، پوليس موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، گذري ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نعريبازي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن هٿين پئجي ويا، پوليس صورتحال تي ضابطو آندو، مرتضيٰ وهاب يوسي 13 ڪهڪشان ڪلفٽن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، مٽياري جي وارڊ نمبر 7 تي پولنگ دوران پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، هڪ ٻئي تي لتن، مڪن ۽ لٺين جو وسڪارو، پوليس موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله چيو ته پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري رهيو، ڪٿان به ڪا شڪايت نه ملي، گذري ۾ پولنگ اسٽيشن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته مرتضيٰ وهاب جي آمد تي بدنظمي جا اطلاع مليا، ٻڌڻ ۾ آيو ته مرتضيٰ وهاب سان گڏ ڪيترائي ماڻهو پولنگ اسٽيشن ويا، جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ته ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنٽرول روم ۾ مٽياري مان ڪو به جهيڙي جو اطلاع نه مليو