ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪا به ميري اک برداشت نه ڪنداسين، اسان شھيد بينظير ڀٽو جي سرواڻي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪمون شهيد تي ڌرڻو ھنيو ھو، اسانکي اڄ به سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول ناھي،سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري مسئلي کي گڏيل مفادن واري ڪونسل ۾ کڻي ويو آهيان ، آئين ۾ پاڻي جي حوالي سان واضح طور لکيل آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ئي اهڙن معاملن جي منظوري ڏيندي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۾ صدر زرداري جو ڪوبه ڪردار ناهي، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر پڻ چولستان ڪئنال تي سخت اعتراض ڪيو آهي، اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي سنڌ جي خدشا تفصيل سان ٻڌايا، اسان ڳالهين ذريعي خدشا ختم ڪرائڻ چاهيون ٿا، پاڻي مامري تي سياست نه ٿيڻ کپي، ڪالهه ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي آگاهي واڪ ۽ جي يوآءِ جي اي پي سي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ جي صوبائي حڪومت سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي. پيپلز پارٽي ته 1991ع واري معاهدي کي آئيني تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿي. 1991ع واري معاهدي هيٺ 37سيڪڙو پاڻي جو حصو سنڌ ۽ 37 سيڪڙو حصو پنجاب جو آهي هن چيو ته سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پ پ ئي سنڌ جو حقيقي آواز آهي، اسان ڪنهن کي سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به کڻڻ نه ڏينداسين، وڏي وزير 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي مڪمل عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سنڌ جي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ ان کي آئيني تحفظ ڏنو وڃي. هن صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي اهم پوزيشن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان وٽ سنڌ اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي، پ پ صوبي جي 70 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪري ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام جو پيپلز پارٽي تي اعتماد آهي، اسان نه رڳو انهن جي خدمت ڪريون ٿا پر انهن جي حقن جو تحفظ پڻ ڪريون ٿا. هن پارٽي جي عزم کي ورجايو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائيندي صوبي جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.