ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي مڪاني ادارن او زيڊ ٽي شئير ۾ 25 سيڪڙو تائين واڌ باوجود تازو ڪميشن پاس ڪندڙ 16هين ۽ 17هين گريڊ جي آفيسرن کي پگھارون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٽائون ميونسپل ڪمشنر لطيف آباد، ٽائون ميونسپل ڪمشنر ٽنڊو فضل، ٽنڊو ڄا۾ ۽ دادو جي اڪائونٽس آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران تازو او زيڊ ٽي شيئر ۾ 25 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ باوجود لوڪل ڪائونسلن بجيٽ گھٽ هجڻ جو عذر ڏئي تازو ڪميشن امتحان ذريعي ڀرتي ٿيل 16هين ۽ 17هين گريڊ جي آفيسرن جون پگھارون به روڪي ڇڏيون. ذريعن موجب لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري پاران سمورين لوڪل ڪائونسلن کي هدايتون ڪيون ويون هيون ته ڪائونسلن ۾ جوائننگ ڏيندڙ ڪميشن پاس آفيسرن کي ماهوار بنيادن تي پگھارون جاري ڪيون وڃن پر مختلف لوڪل ڪائونسلن جي بااثر آفيسرن سيڪريٽري لوڪل بورڊ جا حڪم به ٿڏي ڇڏيا . جنهن بعد سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لطيف آباد حيدرآباد جي ڪو سگنيٽري راجا بوزدار، ٽي ايم سي ٽنڊو فضل جي ٽائون ميونسپل ڪمشنر ماروي سومرو، ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام جي ڪمشنر شاهجهان پنهور ۽ ميونسپل ڪاميٽي دادو جي اڪائونٽس آفيسر جاويد راهپوٽو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄاڻايل لوڪل ڪائونسلن کي ماهوار جاري ٿيندڙ رقم، موجود ملازمن ۽ پگھارن لاءِ خرچ ٿيندڙ رقم جا تفصيل ٽن ڏينهن اندر جمع ڪرايا وڃن. لوڪل ڪائونسلن کي اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته اهي وضاحت ڪن ته بجيٽ ۾ واڌ ٿيڻ باوجود انهن ڪميشن پاس آفيسرن کي پگھارون جاري ڇو ناهن ڪيون؟ذريعن مجب ڪميشن پاس آفيسرن پاران اعليٰ اختيارين کي شڪايتون ڪيون پي ويون ته جوائننگ ڏيڻ ۽ ڪم ڪرڻ باوجود کين پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن، اعليٰ اختيارين اهڙين شڪايتن جو نوٽيس وٺي لوڪل ڪائونسلن کي شوڪاز جاري ڪيا آهن
مڪاني ادارن جي مهانگين گاڏين تي بااثر شخصيتون قابض
ڪراچي: لوڪل گورنمينٽ بورڊ جون مهانگيون گاڏيون خانگي ماڻهن حوالي ٿيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب لوڪل گورنمينٽ بورڊ جون گاڏيون غير لاڳاپيل شخصيتن وٽ هئڻ جو معاملو سامهون اچي ويو آهي. سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ قانوني ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ ٽرانسپورٽ سيڪشن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته گاڏيون واپس ڪرايون وڃن، خط ۾ لکيو ويو آهي ته نوشهروفيروز جي فيروز جمالي وٽ ڪلٽس 2016 ماڊل، سڪندر هليو ۽ ڪي اين شاھ جي سيد ابرار شاھ وٽ ڪلٽس 2016 ماڊل جون گاڏيون غيرقانوني استعمال هيٺ آهن
شڪي ڀرتين جي تصديق لاءِ هلندڙ ڪيتريون ئي انڪوائريون التوا جو شڪار
ڪراچي: لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ مختلف ڪائونسلن ۾ شڪي ڀرتين وارن ملازمن جي تصديق لاءِ هلندڙ ڪيتريون ئي انڪوائريون پينڊنگ پيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب مختلف ضلعن ۾ شڪي ڀرتي وارن ملازمن جي تصديق لاءِ لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران مختلف وقتن تي قائم ڪيل اسڪروٽني ڪاميٽين جاچ مڪمل ڪرڻ بجاءِ انڪوائريون ئي دٻائي ڇڏيون آهن. جنهن ڪري جعلي ڀرتي ٿيل ملازم لوڪل ڪائونسلن تي بار بڻيل آهن