سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت رپورٽس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي طلب ڪري ورتو
عدالت طرفان پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن کان 4 هفتن ۾ رپورٽ طلب
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو ته 13 سالن کان ڏسي رهيا آهيون، جي آءِ ٽي اجلاس ۾ آفيسرز رڳو چانهه پي هليا وڃن ٿا
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته پوليس ايمانداري سان ڪم ڪري ها ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي چڪو هجي ها،ايترن سالن ۾ جي آءِ ٽي اجلاس ۾ اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته شهرين کي ڪنهن گم ڪيو آهي؟
عدالت پاڪستان بازار ٿاڻي جي ڊي ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ناقص ڪارڪردگي تي اوهان کي سينٽرل جيل موڪلي ڇڏينداسين، عدالت گم ٿيل شهري سيد عارف، سيد عباس شاهه ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي