سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ روس کان هڪ ڀيرو ٻيهر مدد طلب ڪري ورتي

0
19
سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ روس کان هڪ ڀيرو ٻيهر مدد طلب ڪري ورتي
سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ روس کان هڪ ڀيرو ٻيهر مدد طلب ڪري ورتي

سنڌ سرڪار اسٽيل ملز جي بحاليءَ لاءِ روس کان هڪ ڀيرو ٻيهر مدد طلب ڪري ورتي، اسٽيل ملز جي ٻيهر بحالي لاءِ روس ۽ پاڪستان جي ماهرن وچ ۾ ايندڙ هفتي آن لائن ڳالهيون ٿينديون، ڳالهين بعد روس جو وفد اسٽيل ملز جو دورو به ڪندو، روس جي سفير البرٽ خوريف وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران آگاهه ڪري ڇڏيو، وڏي وزير روسي سفير سان ملاقات دوران اسٽيل ملز جو نئون پلانٽ لڳائڻ جي تجويز به پيش ڪئي، وڏي وزير چيو ته اسٽيل ملز جا ملازم پريشان آهن، مل جي بحالي سان هزارين ملازمن جو مسئلو حل ٿي ويندو، وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ روس ڪراچي ۾ اسٽيل مل لڳائي هئي، اسٽيل ملز جي ٻيهر بحاليءَ ۾ روسي سفارتخانو به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسٽيل ملز هلڻ سان ملڪي معيشت مضبوط ٿيندي ۽ روزگار به وڌندو، ملاقات دوران روس ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفو واپار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو