سنڌ ۾ ربيع دوران پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو: آبپاشي عملدارن لاءِ الرٽ: وارابندي جون تياريون

0
17
سنڌ ۾ ربيع دوران پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو: آبپاشي عملدارن لاءِ الرٽ: وارابندي جون تياريون
سنڌ ۾ ربيع دوران پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو: آبپاشي عملدارن لاءِ الرٽ: وارابندي جون تياريون

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ربيع جي هلندڙ مند دوران پاڻي کوٽ 23 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو: وارابندي جون تياريون، ان ڏس ۾ سنڌ آبپاشي کاتي ارسا جي ايڊوائزري ڪاميٽي جي 2 آڪٽوبر تي ٿيل اجلاس ۾ڪيل فيصلن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي چيف انجنيئرن توڙي سيڊا اختيارين کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾چيو ويو آهي ته سنڌ لاءِ ربيع ۾گھربل پاڻي 12.584 مان 4.903 ملين ايڪڙ فوٽ ( 25.6سيڪڙو ) پاڻي استعمال ٿي چُڪو، ربيع جي 31 مارچ تائين هلندڙ سيزن ۾ سنڌ کي رڳو 7.681 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملڻو آهي، خط  ۾آبپاشي ۽ سيڊا انجنيئرن کي گڊو، سکر توڙي ڪوٽڙي بئراجن مان نڪرندڙ واهن جي پاڻي جو درست استعمال يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾سنڌ ۾ ربيع مند دوران گھربل ۽ موجود پاڻي توڙي  پاڻي کوٽ جي حوالي سان ارسا جي 2آڪٽوبر تي ايڊوائزري ڪاميٽي جي ڪيل فيصلن ۽ خدشن بابت سمورن چيف انجنيئرن توڙي سيڊا اختيارين کي آگاهي ڏيندي کين ارسا جي فيصلن ۽ خدشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ ربيع  مند ۾ پنهنجي حصي جي 12.584 ايم اي ايف پاڻي مان 4.903 ايم اي ايف پاڻي استعمال ڪري چڪي آهي، ربيع جي 31 مارچ تائين هلندڙ سيزن لاءِ هاڻي رڳو 7.681 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي باقي رهيل آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته پاڇاٽي خريف ۾ سنڌ ۾پاڻي کوٽ 15 مان 23 سيڪڙو تائين پهچڻ جو خدشو آهي. انهي ڪري بئراجن مان نڪرندڙ ڪينالن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ٻئي طرف آبپاشي کاتي جي ذريعن ٻڌايو ته 23 سيڪڙو پاڻي کوٽ سبب مختلف واهن تي وارابندي پڻ ڪئي ويندي، کاتي پاران آبادگارن کان پاڻي فراهمي کي سامهون رکي ڪڻڪ، ڪمند سميت مختلف فصلن جي پوکي ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.  هوڏانهن آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ نومبر مهيني ۾به شگر ملون نه هلڻ سبب ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري هيل ربيع لاءِ زمينون خالي ناهن ٿيون، جنهن سبب ڪڻڪ جي پوکي کي ڪاپاري ڌڪ رسندو،