ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 30 سال اڳ ڪيل اعلان تي عمل شروع: سنڌ ۽ وفاقي سرڪار ڪيٽي بندر وٽ نئون پورٽ ( بندر گاهه ) اڏڻ تي اتفاق ڪري ورتو،ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاهه ۽ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر شيخ ۾ ٿيل ملاقات ۾ مهاڻن جي مسئلن جي حل، سامونڊي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪيٽي بندر وٽ نئون بندرگاهه اڏڻ واري منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت بولو ۽ گجو رڇن (ڄارن ) جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اونهي سمنڊ ۾ مڇي ماريندڙ ٽرالرن کي ڪهڙي حڪومت لائسنس جاري ڪندي؟ اهو مامرو اڃا تائين حل ناهي ٿيو، ٽرالرز وارومسئلو حل ڪيو وڃي، ملاقات ۾ ٽرالرن جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل ڪاميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان حڪومت جا نمائندو شامل ھوندا، ملاقات ۾ نيڪاسي توڙي صنعتن جو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ جي سمنڊ ۾ ڇڏڻ واري معاملي تي به غور ڪندي چيو ويو ته انھي سان سمنڊ ۾ گدلاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ويسٽ واٽر ريسائڪلنگ ( گندي پاڻي کي صاف ڪرڻ) شروع ڪئي آهي. اهو پروجيڪٽ ٽينڊر جي مرحلي ۾ آهي، جلد ٺيڪو ڏنو ويندو. وزيراعليٰ ۽ وفاقي وزير صنعتن کي ريسائيڪل ٿيل پاڻي جي فراهمي لاءِ گڏيل پلانٽ لڳائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، ملاقات ۾ چيو ويو ته هن وقت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم سامونڊي جهازن جي آمد و رفت کي سنڀالي رهيا آهن، جهازن جي وڌندڙ ٽريفڪ کي نظر ۾ رکندي ڪيٽي بندر وٽ نئين بندرگاهه جي ضرورت آهي، انهي سان ڪراچي جي پورٽن تان بار گهٽجي ويندو، ڪيٽي بندر نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان جڙيل هجڻ سبب سامان جي ترسيل کي به آسان بڻائي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪيٽي بندر پورٽ شروعات ۾ پاڪستان-چين ڪوريڊور ( سي پيڪ) جو حصو هو پر نامعلوم سببن ڪري انهي رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو. وفاقي وزير چيو ته هو انهي معاملي تي وزارت ۾ ڳالهائيندو ۽ بندرگاهه جي تعمير لاءِ پرائيويٽ پارٽنر ڳوليندو. ملاقات ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائپ جو جائزو وٺڻ لاءِ جلد اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هوڏانهن آمريڪي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار پاڪستان ايلزبيٿ هورسٽ سان ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي، سماجي ترقي ۽ معيشت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديليءَ بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 2022ع ۾ سنڌ کي گهڻو نقصان پهتو، جڏهن ته تيز برساتن ۽ ٻوڏن سبب 21 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا. ڊونر ايجنسين ۽ صوبائي حڪومت جي 57 ارب، وفاقي حڪومت پاران ملندڙ برابر گرانٽ سان تباهه ٿيل گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين اٺ لک گهر تعمير ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت انهن گهرن لاءِ پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڊونر ايجنسين کي ڳولي رهي آهي. اسان انهن گهرن کي شمسي توانائي فراهم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون جنهن لاءِ مالي مدد جي ضرورت آهي. آمريڪي سفارتڪار ڪراچي شهر ۾ سيڙپڪاري ۽ ترقي جي وڏن موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايلزبيٿ هورسٽ زراعت کي جديد بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته انهي سان ڳوٺاڻن جي روزگار ۾ واڌ ٿيندي.