سنڌ آبادگار بورڊ سنڌو درياهه تي 6 ڪينال اڏڻ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
32

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ چولستان ڪئنال سميت سنڌو نديءَ تي 6 تڪراري ڪينال اڏڻ واري فيصلي خلاف 24 نومبر کان ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آهي

سنڌ آبادگار بورڊ مطابق 6 نوان ڪينال ٺاھڻ سڄي آبپاشي نظام کي تباھ ڪرڻ جي برابر آهي. ان عمل سان درياهه جي ھيٺانھين وارا علائقا سخت متاثر ٿيندا ۽ اھڙو عمل ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو

سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس سيد محمود نواز شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته سنڌ جي سخت اعتراضن جي باوجود سنڌو نديءَ تي تڪراري جلالپور ڪينال کان علاوه ھنگامي بنيادن تي ٺھندڙ 6 ڪئنالن وارو معاملو انتھائي اهم آهي

ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سنڌ آبادگار بورڊ پاران ٻين آبادگار تنظيمن سان گڏجي 6 ڪينالن جي اڏاوت خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪئي ويندي جنھن تحت پھريون احتجاجي مظاھرو  24 نومبر تي آچر ڏينھن حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو

اجلاس ۾ چيو ويو ته ايئن لڳي ٿو ته ڪينالن جي رٿا بنا سوچڻ ۽ سمجھڻ جي شروع ڪئي وئي آهي جنھن ۾ فزيبلٽي، پاڻي جي دستيابي، صوبن جي راضپي ۽ ماحولياتي اڀياس کي به مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي تنهن ڪري سنڌ آبادگار بورڊ چولستان ڪئنال جي اڏاوت کي رد ڪري ٿو

سنڌ آبادگار بورڊ جو چوڻ هو ته سنڌ صوبي ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي اعتراضن کي نظرانداز ڪري ڪينالن جي منصوبي تي عمل ۾ غير ضروري تڪڙ ڪئي پئي وڃي

اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، اعظم خان رند، محمد عمران بوزدار، محمد طحا ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي