سنڌ جي 9 مڪاني ادارن لاءِ ننڍي چونڊ اربع تي ٿيندي: پ پ پاران اميدوارن جو اعلان

0
67
سنڌ جي 9 مڪاني ادارن لاءِ ننڍي چونڊ اربع تي ٿيندي: پ پ پاران اميدوارن جو اعلان
سنڌ جي 9 مڪاني ادارن لاءِ ننڍي چونڊ اربع تي ٿيندي: پ پ پاران اميدوارن جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  پ پ سنڌ جي 9 مڪاني ادارن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽن تي 12 جون تي رٿيل ننڍي اليڪشن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ان ڏس ۾  پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جو چوڻ هو ته  سانگھڙ  ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ رياض علي شاھ ـ شڪارپور ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين لاءِ ڪامران مھر، ميرپورخاص سٽي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين لاءِ نياز احمد،  جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لاءِ علي رضا لاشاري، ڀريا سٽي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ نور محمد شاھه،  ٺارو شاھ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ علي عالماڻي بلوچ،  درياءِ خان مري ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لاءِ عبدالحق خاصخيلي ـ دولتپور ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لاءِ غلام حسين لانگاھ ۽ سعيد آباد ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين رضوان ملڪ  کي پارٽي ٽڪيٽ  ڏني وئي آهي