Shehzadi Rai: Transgender Activist … شهزادي راءِ جو آواز ڪي ايم سي جي ايوان ۾ به گونجندو

0
247
Shehzadi Rai: Transgender Activist ... شهزادي راءِ جو آواز ڪي ايم سي جي ايوان ۾ به گونجندو

 هُن 16 سال پنهنجي گھر ۾ گذارڻ بعد 17هين بهار ۾ پير ئي پاتو ته سندس رت ڳنڍين جا رويا کيس اندران ئي اندران جھوريندا ويا. هُن کي شايد ئي اندازو هجي ته جن جي ڪُک مان هن جنم ورتو، اهي کيس پسند ڪرڻ بجاءِ حصي ۾ نفرتون ئي ڏيندا. اهي سڀ سور پاڻ سان گڏ کڻي شهزادي راءِ نه چاهيندي به پنهنجن اباڻن کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي. شهزادي راءِ گھر وارن کي ڇڏڻ بعد عام ٽرانسجينڊر (خواجا سرا) جيان ان ڪئمپ جو حصو بڻجي وئي، جتي گُروءَ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪجهه به ڪرڻ شايد ممڪن ناهي هوندو. شهزادي راءِ آهستي آهستي خواجا سرائن جي ان ڪلچر ۾ پنهنجو پاڻ کي ملائي ڇڏيو، پر هِن تعليم کي هڪ ڏينهن لاءِ به نه ڇڏيو. اها محنت، جستجو ۽ مستقل مزاجي هئي، جنهن شهزادي راءِ کي هڪ عام ٽرانسجينڊر مان ان ڪميونٽيءَ جو اهڙو آواز بڻائي ڇڏيو، جيڪو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ايوان ۾ به گونجندي بڌجندو.

                        جيتوڻيڪ هِن گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري سماج ۾ جتي هڪ عورت کي به برابري مليل نه هجي، اتي ڪنهن ٽئين جنس واري کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو ويندو هوندو؟ اهو اندازو پاڻ ته کڻي لڳائي به وٺون پر اڻ برابريءَ وارن روين کي ڀوڳيندڙ ڀلي ڀت ڄاڻيندا هوندا، بهرحال وِک وِک تي ڪنڊا هوندي به شهزادي راءِ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو، جيڪو هر عام ماڻهو به آسانيءَ سان نه ڪري سگھي. شهزادي راءِ ميٽرڪ جا امتحان پاس ڪري جڏهن گھران نڪتي هئي ته هُن اهو پڪو ارادو ڪري ورتو ته هاڻي تعليم کي ته ناهي ڇڏڻو پر ڪجهه اهڙو ڪري ڏيکارڻو آهي، جيئن قِصا ڪتابن ۾ لکجن. يقينن هاڻي بلڪل ائين ئي ٿئي پيو. شهزادي راءِ شايد واحد ٽرانسجينڊر هئي، جنهن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي ۽ ان بعد تعليم سانگي سرحدون لتاڙي نيپال تائين به پهتي. شهزادي راءِ پنهنجي ڪميونٽي لاءِ ٻين مُلڪن تائين به آواز اٿاريندي رهي، جنهن ڪري کيس ٻاهر وڃڻ جا ڪيترائي موقعا به مليا پر هِن سنڌ ۾ ئي رهڻ کي ترجيح ڏني، اتي ئي رهي پنهنجي ڪميونٽي جي اڳواڻي ڪندي رهي. هونئن ته خواجا سرائن سان نه رڳو پنهنجن گھرن ۾ پر ٻاهر به تمام گھڻا مسئلا هوندا آهن. اسان وٽ سوسائٽي جي بيهڪ ئي ڪجهه اهڙي آهي، جنهن سبب خاص طور تي خواجا سرائن کي وِک وِک تي جيئڻو ۽ مرڻو پوندو آهي.

ڪجهه ئي سال اڳ ڪراچي شهر جي روڊ رستن تي پوليس پاران پينو فقيرن خلاف جڏهن ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ته ان وقت خواجا سرا به پوليس جي ان ڪاررواين جو شڪار ٿيندا رهيا. اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين وقفي وقفي سان هلندو رهيو. پوليس جي اهڙي عمل سان ڪيترائي معاملا رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ خواجا سرائن ٿاڻن اندر “انوکا” احتجاج به ڪيا ته روڊ رستن تي به احتجاج ڪندا آيا. بهرحال پوليس جي اعليٰ اختيارين کي آخر سوچڻو پيو ته خواجا سرائن جا اهي “انوکا” احتجاج روڪڻ گھرجن. سنڌ سرڪار پاران جڏهن خواجا سرائن جي تنظيمن کي ڳالهين جي ٽيبل تي آندو ويو ته ان وقت انهن جي نمائندگي ۾ اڳيان اڳيان رهندڙ شهزادي راءِ کي سنڌ پوليس ۾ ان ڪميونٽي جو فوڪل  پرسن مقرر ڪيو ويو. هاڻي پوليس ۽ خواجا سرائن وچ ۾ ڪٿي به ڪو معاملو ٿئي ٿو ته شهزادي راءِ ئي ان معاملي کي حل ڪرائي وٺندي آهي،. ان کانسواءِ هاڻ تازو جڏهن پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران بلدياتي نظام ۾ عورتن ۽ معذورن سان گڏ “ٽئين جنس” وارن لاءِ به مخصوص سيٽ رکي ته ان ۾ به پيپلز پارٽي پاران شهزادي راءِ کي ٽڪيٽ ڏني وئي. هاڻي شهزادي راءِ جو آواز ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي ايوان ۾ به گونجندو.

      شهزادي راءِ سان خاص طور تي عورت مارچ وارن ڏينهن ۾ ڪافي سالن کان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪچهري ٿيندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته عورت مارچ جو جڏهن وجود پيو ته خواجا سرائن طرفان ان مارچ ۾ ڀرپور  شرڪت ڪئي ويندي هئي، جنهن جي باني آرگنائيزر به شهزادي راءِ هئي. شهزادي راءِ عورت مارچ وارن ڏينهن دوران انتظام سنڀالڻ ۾ اڳڀري رهندي آهي. تازو جڏهن عورت مارچ ٿيو ته ان وقت شهزادي راءِ سان ڪراچي پريس ڪلب جي “سموڪنگ ڪارنر” ۾ ويٺا هئاسين. شهزادي راءِ سان گڏ سندس پرڏيهي صحافڻ دوست به هئي، جن ويٺي سگريٽن جا ڪَش هنيا. شهزادي ان ڪچهري ۾ ذاتي زندگي ۽ تجربن بابت گھڻو ڪجهه ٻڌايو، ڪي ڳالهيون لکڻ جهڙيون به آهن ۽ ڪي لکي نه ٿيون سگھجن، پر شهزادي اهو به ٻڌايو هو ته سندس پيپلز پارٽي جي ويجھو اچڻ وارو عمل ڪنهن هڪ ويجھي دوست کي بلڪل نه وڻيو هو، جيڪو کانئس پري ٿي ويو. هن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي ئي هاڻي واحد پارٽي آهي، جيڪا ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ جمھوريت کي جيئاريندي پئي اچي. شهزادي راءِ ان ڪچهري ۾ اهو به ٻڌايو هو ته، “منهنجو هاڻي پنهنجن گھر وارن سان رابطو ناهي، نه ئي هُو رابطي ۾ آهن. منهنجي اندر ۾ انهن جي لاءِ ڪو به ڏُک ناهي، پر خوشي ان ڳالهه جي ضرور آهي ته گھران نڪرڻ وقت جيڪو ارادو ڪري نڪتيس، ان ارادي کي ڏکين سُکين حالتن سان مقابلو ڪري به پورو ڪري ڏيکاريم ۽ هاڻي پنهنجين ڪاميابين کان وڌيڪ خوشي پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان ملندي آهي.