شهريار شر تي حملي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او شڪور لاکو جا ايس ايس پي تي سنگين الزام

0
252
 شهريار شر تي حملي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او شڪور لاکو جا ايس ايس پي تي سنگين الزام

سردار شهريار شر تي قاتلاڻي حملي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او رائونتي جا ايس ايس پي گهوٽڪي تي ملوث هئڻ جا الزام

ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ايس ايڇ او شڪور لاکو چيو ته ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي ڏوهارين جي فرمائش تي ونگار وهندي مون کي ناحق ڦاسايو آهي، ايس ايس پي کان پڇو ته شهريار شر تي حملو ڪيئن ڪيو ويو؟

منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، پوليس پاران ايس ايڇ او شڪور لاکو کي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪيو ويو

شهر يار شر تي حملي واري ڪيس ۾ ايس ايس پي جي حڪم تي گذريل ڏينهن ايس ايڇ او رائونتي کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو

پوليس اڄ ايس ايڇ او شڪور لاکو کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت شڪور لاکو کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ايس ايس پي گهوٽڪي انعام يافته عمر شر کي مارائڻ بعد شهريار شر تي حملي جو رنگ ڏنو

ايس ايس پي گهوٽڪي انعام يافته عمر شر کي مارائڻ بعد ان کي شهريار شر تي حملي جو رنگ ڏنو، حملي واري واقعي ۾ ايس ايڇ او شڪور لاکو کي ناحق ڦاسايو ويو، شهر يار شر ٻڌائي ته ڇا عمر شر سندس گاڏيءَ ۾ نه ويٺل هو؟ ايس ايس پي حفيظ بگٽي عمر شر سان شهريار شر جي گاڏيءَ ۾ ملاقات ڇو ڪئي؟: گرفتار ڪيل ايس ايڇ او رائونتي جي ڀاءُ عمران لاکو جون ٽائيم نيوز سان ڳالهيون، عمران لاکو چيو ته عمر شر کي مارائڻ بعد حملي جو ڊرامو ڪري منهنجي ايس ايڇ او ڀاءُ کي ڦاسايو ويو آهي، عمر شر ڏوهاري هو ته پوءِ ايس ايس پي کيس پنهنجي هائوس تي ڇو گهرايو؟ 3 ڏينهن اڳ رائونتي جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهريار شر جو ساٿي علي محمد شر ۽ انعام يافته جوابدار عمر شر مارجي ويا هئا، پوليس گذريل ڏينهن حملي واري ڪيس ۾ ايس ايڇ او رائونتي شڪور لاکو کي گرفتار ڪيو هو