ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي جنازي نماز ۽ ڪفن دفن جي رسمن ۾ رڪاوٽون وجھڻ ۽ وارثن کان لاش ڦري ان جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيل 18جوابدارن کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
عدالت آڏو پيش ڪيل جوابدارن ۾ مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي شامل هئا
سمورن جوابدارن کي عدالت 7 نومبر تائين ھڪ ڀيرو ٻيھر جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، هوڏانهن ايف آءِ اي پاران ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ مختلف پوليس آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي
آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ٽيم جي چئن عملدارن ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ڪيپٽن رٽائرڊ پرويز احمد چانڊيو، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي بدين شيراز نظير ۽ ان وقت جي ايس ايس پي ٿرپارڪر شبير احمد سيٺار کي حيدرآباد آفيس گھرائي بيان قلمبند ڪيا ويا
جڏھن ته ايف آءِ اي پاران ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر کي پڻ بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آھي
واضح رهي تي 2 ڏينهن اڳ ايف آئي اي جي ٽيم جڊيشل ڪسٽڊي تي جيل حوالي ڪيل پوليس عملدارن جا بيان سينٽرل جيل ميرپورخاص ۾ ورتا هئا