شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڀاءُ پاران خالد لنڊ تي سنگين الزام

0
48

شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ ۽ ڀاءُ پاران خالد لنڊ تي موتمار ڌمڪيون ڏيارڻ جا الزام، ڪيس ڪنهن ٻئي ضلعي ۽ ڊويزن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 ميرپور ماٿيلو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهيد نصرالله جي امڙ امان پٺاڻي ۽ سندس پٽ يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان جو لنڊ برادري سان نه پر رڳو خالد لنڊ ۽ سندس پٽن سان جهيڙو آهي، خالد لنڊ واقعي کي برادري تڪرار جو رنگ ڏئي رتوڇاڻ ڪرائڻ گهري ٿو

 امان پٺاڻي چيو ته منهنجو پٽ امن پسند صحافي هو، اسان به جهيڙو ٽڪرن سان نه پر اکرن سان ڪنداسين

 يعقوب گڏاڻي چيو ته قتل کي بار بار سياسي چوندڙ خالد لنڊ ٻڌائي ته گرفتار ڪيل جوابدار عبدالله، برڪت ۽ اصغر لنڊ  ڪنهن جا ماڻهو آهن؟ ڇا خالد لنڊ جي گرفتار ڪيل ماڻهن مهر، پتافي يا اسان جي چوڻ تي نصرالله کي شهيد ڪيو؟