شهباز شريف پاران پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو

0
14
شهباز شريف پاران پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو
شهباز شريف پاران پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو

وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيرا ڪوٽا واريئر ميوزم جو دورو، گذريل ڏينهن چيني صدر شي جِنپِنگ پاڪستاني وفد کي پنهنجي اباڻي شهر شِي آن ۾ تاريخي ميوزم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ميوزم ۾ رکيل چيني جنگجو ڪردارن جي مجسمن ۽ سندن تاريخ بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ميوزم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر جي تعريف ڪئي، وزيراعظم چيو ته عظيم قومون چين جيان پنهنجي تاريخي ورثي جو تحفظ ڪنديون آهن، 2 سئو سال قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر واکاڻ جوڳو آهي، پاڪستان به تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالا مال آهي، پاڪستان ۾ به تاريخي ماڳن کي بحال ڪرڻ بعد سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪنداسين