حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

0
26
حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج
حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

حساس اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو اختيار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو

لاهور جي هڪ شهري ايڊوڪيٽ نديم سرور ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ وزيراعظم، وفاقي حڪومت، پي ٽي اي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو

 درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڳجهي اداري کي ماڻهن جون فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، پي ٽي اي ايڪٽ جي جنهن سيڪشن تحت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ان جا اڃا رُولز به نه ٺهيا آهن

درخواست ۾ چيو ويو ته  پاڪستان جو آئين شهرين کي پرائيويسي ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي جو حق فراهم ڪري ٿو، درخواست موجب ڀارتي سپريم ڪورٽ به ماڻهن جون فون ڪالز ريڪارڊ ڪرڻ کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي چڪي آهي

 ڳجهي اداري کي فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي