وانا(م ڊ) اتروزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن
آءِ ايس پي آر موجب، گذريل رات سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتروزيرستان ضلعي جي علائقي رزمڪ ۾ آپريشن ڪيو
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 دهشگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ سميت شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا