سعودي عرب بابت تڪراري بيان تي بشريٰ بي بي خلاف 4 ڪيس داخل

0
10
سعودي عرب بابت تڪراري بيان تي بشريٰ بي بي خلاف 4 ڪيس داخل
سعودي عرب بابت تڪراري بيان تي بشريٰ بي بي خلاف 4 ڪيس داخل

سعودي عرب بابت تڪراري بيان ڏيڻ بعد بشريٰ بي بي خلاف 4 ڪيس داخل، ڪيس ٽيلي گراف ايڪٽ 1885 تحت داخل ڪيا ويا، بشريٰ بي بي خلاف ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ ليه ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا، ايف آءِ آرز جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بشريٰ بي بي ماڻهن کي ڀڙڪائڻ لاءِ نفرت جوڳو بيان ڏنو، پوليس موجب بشريٰ بي بي خلاف قلم 126 ٽيلي گراف ايڪٽ ۽ ٻين قانونن تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، بشريٰ بي بي وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ باني جڏهن اگهاڙي پيرين مديني شريف وڃڻ بعد واپس آيو ته جنرل باجوا کي فون ڪالز اچڻ شروع ٿي ويون، باجوا کي چيو ويو ته هي اوهان ڪهڙي شخص کي کڻي آيا آهيو، اسان کي اهڙا ماڻهو نه گهرجن، بشريٰ بي بي چيو ته باجوه کي چيو ويو ته اسان ملڪ مان شريعت ختم ڪري رهيا آهيون، اوهان اهڙي شخص کي کڻي آيا آهيو، چيو ويو ته اسان کي اهڙا ماڻهو نه گهرجن، تڏهن کان اسان تي گند اڇلائڻ شروع ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني کي يهودي ايجنٽ سڏڻ شروع ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني پارٽي قيادت جي ڳڻتي ظاهر ڪرڻ تي بشريٰ بي بي کي سياست کان پري رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو