ميرپوربٺورو (رپورٽ: مظھر نواز) ميرپوربٺوري ۾ سارين جي اگھن ۾ لاٿ ۽ ڪٽوتي خلاف عوامي سماجي سٿ جي سڏ تي صوفي شاھه عنايت شھيد پريس ڪلب تي ٿي، اي پي سي ۾ آچر جي ڏينھن بٺوري جي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس ۾ عوامي سماجي سٿ جي پنھل سولنگي، وحيد حيدر زئور، جسقم اڳواڻ محمد خان شورو، قومي پارٽي جي اڳواڻ قادربخش زئور، وقار ميراڻي، عوامي تحريڪ جي علي محمد پرويز، عزيز ميمڻ، قومي عوامي تحريڪ جي اشرف پليجو، آبادگار مشتاق چانڊيو، امين لنڊ، يعقوب مڱريو، ايس ٽي پي جي غني ملاح، شھري اتحاد جي ڏاڏا شورو، فقير محمد علي خواجه، جسم جي نعمان شورو، عرس ڪيھر، صحافي ڪريمداد چانڊيو، آڪاش زئور، قاسم رنگريز، پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر قاسم خواجه، لطيف اڪبر شاھ، رزاق لنڊ، مددگار گروپ جي طابع علي قمبراڻي، ڳوٺ سڌار سنگت جي شفيع محمد زئور، نانا عثمان زئور، لطيف زئور، سياسي ڪارڪن الطاف چانگ، سجاد ميراڻي، غفور چانگ، رسول بخش ميمڻ، غني ميمڻ سميت سياسي سماجي ۽ آبادگار اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏھن ته اي پي سي ۾ آچر جي ڏينھن ڌرڻي جو اعلان پڻ ڪيو ويو ۽ اي پي سي کانپوءِ پريس ڪلب بٺورو کان ريلي ڪڍي جي ايم سيد چوڪ تي احتجاج پڻ ڪيو ويو، احتجاج ۾ عوامي سماجي سٿ سميت ٻين سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ آبادگار ڀائرن چيو ته سارين جو اگھه گهٽايو ويو آهي، سارين جو في مڻ 4000 رپيا مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگارن پاران سارين جي فصل ته ڪيل خرچ نڪري سگھي ۽ نقصان کان بچي سگھن، جڏھن ته زرعي دوائن سميت ٻج، ڀاڻ ڳري اگھه تي خريد ڪيا ويا آھن ۽ ھاڻي جڏھن سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ آيو آھي ته سارين جو اگھه مسلسل گھٽايو پيو وڃي ۽ ڪارخانيدارن پاران ڪٽوتي وارو سلسلو پڻ جاري آھي، اي پي سي ۾ سياسي، سماجي پارٽين سميت آبادگار چيو ته جيستائين سارين جو مناسب اگھ مقرر نه ڪيو ويندو ۽ ڪٽوتي بند نه ٿيندي، جدوجهد جاري رھندي
سارين جا اگھه وڌايو: بلڙي شاهه ڪريم ۾ آبادگارن جو ميڙاڪو، احتجاج
بلڙي شاھ ڪريم (ن پ ا) رائيس مل مالڪن پاران سارين جو ريٽ گھٽائڻ ۽ زميندارن ھارين ۽ پورھيتن جي معاشي قتل خلاف بلڙي شاھ ڪريم جي آبادگارن ھارين ۽ مزدور طبقي سميت شھرين ۽ معززين جو آبادگار اڳواڻ زاھد خان رند جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏو ميڙاڪو ڪوٽايو ويو ۽ بلڙي شاھ ڪريم شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو رائيس مل مالڪن جي ناجائزين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي آبادگارن سارين جو ريٽ وڌائڻ سميت موسچر ختم ڪرڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي ختم ڪرڻ ڪانٽن تان ھيري ڦيري ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي ميڙاڪي ۽ احتجاج شريڪ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سارين جي پوکائي تي في ايڪڙ ھڪ لک کان وڌيڪ خرچ آهي سارين جو ريٽ في مڻ 25 سئو کان به گھٽ ڏنو پيو وڃي جيڪا رائيس مل مالڪن جي سراسر ناجائزي آهي ڪانٽن ۾ ھيرا ڦيري ڪئي وئي آهي ۽ موسچر جي آڙ ۾ ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي آبادگارن ھارين ۽ پرھيتن سان ظلم جي انتھا ڪئي وئي آهي جيڪو برداشت کان ٻاھر آهي ھاڻي اسان چپ ڪري نه وھينداسين. انصاف نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي .ھنن سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ته آبادگارن ھارين ۽ پورھيتن جي معاشي قتل جو فورن نوٽيس وٺي رائيس مل مالڪن خلاف سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي . ٻي صورت ۾ اڱاري جي ڏينھن بلڙي شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تي تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو