سانگهڙ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو
بگٽي ۽ عمراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ عزيز گل عرف پپو عمراڻي ۽ اعجاز عمراڻي مارجي ويا
ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس پهچي مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا، مقتولن جي گهرن ۾ قهرام مچي ويو
پوليس موجب واقعو پنج سال اڳ ڌرين ۾شروع ٿيل جهيڙي جو نتيجو آهي، 5 سال اڳ جهيڙي ۾ عورت سميت بگٽي برادري جا 2 ڄڻا مارجي ويا هئا، اڄ پلاند ۾ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو