صالح پٽ (ن پ ا) بخشاپور مان اغوا ٿي ويل نوجوان وڪرم لال بازياب نه ٿي سگھيو، امڙ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو، مندرن ۾ پوڄا پاٺ، ھندو برادري جو پ پ ايم اين اي آڏو احتجاج، دانهون، خبر موجب 4 ڏينھن اڳ ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور جي علائقي بخشاپور ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل نوجوان وڪرم لال کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنھن ڪري ھندو برادري ۾ مايوسي ۽ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آھي، نوجوان جي امڙ بيحال ٿي وئي، جنھن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آھي، نوجوان جي بازيابي لاءِ مندرن ۾ پوڄاپاٺ جاري آھي، ٻئي پاسي صالح پٽ جي ھندو برادري جي مکي اشوڪ ڪمار ۽ نوجوان جي وارثن ڌنو مل ۽ ڪنعيا لال پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه اڳيان دانھون ڪيون ته توھان اسان جي مالڪي ڪيو، اسان ھندن سان وڏو ظلم ٿي رھيو آھي، اسان جي نوجوان کي اغوا ٿئي 4 ڏينھن ٿي ويا آھن پر پوليس ڪجهه ناهي ڪيو، لاڙڪاڻي جو ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ اسان کي خالي دلاسا ڏئي رهيو آهي، جنھن تي خورشيد شاھ ھندو برادري کي آٿت ڏيندي چيو ته توھان جي ڀرپور مدد ڪنداسين، انشا الله نوجوان جلد گھر موٽي ايندو، ڊي آءِ جي سان به ان معاملي تي رابطو ڪيو آھي، جنھن به خاطري ڪرائي آھي ته جلد ڪاميابي ملندي.