ڪنڌڪوٽ/رستم (نمائندن وٽان) ڳڙھي تيغو جي ڪچي ۾ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل راولپنڊي واسي اڌڙوٽ راجا ڪامران اسلم کي ڌاڙيلن ڀنگ جي رقم نه ملڻ تي قتل ڪري ڇڏيو
مقتول جو لاش چوپايو مال چاريندڙ ڌنارن پاران ڪچي جي ڍنڊي واري علائقي ۾ وھندڙ ھڪ پاڻي جي واھه مان ھٿ ڪري ڳڙھي تيغو پوليس چيڪ پوسٽ جي اھلڪارن کي اطلاع ڪيو
شڪارپور جي ناپرڪوٽ ۽ غوثپور جي ڪچو ڪيٽي ٿاڻن جي پوليس ۾ حد بندي جو تڪرار پيدا ٿي پيو، جنھن بعد ڪافي دير تائين ڳوٺاڻن جي بار بار رابطو ڪرڻ کانپوءِ ڪچو ڪيٽي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو مڙھ کڻائي غوثپور اسپتال منتقل ڪيو
پوليس موجب ته مغوي جو لاش مليو آهي، مقتول جي سڃاڻپ راولپنڊي جي طارق آباد انڊس محلي واسي طور ٿي آھي
ٻئي طرف ذريعن ٻڌايو ته ڏوهارين ڀنگ نه ملڻ تي مغوي مٿان تشدد ڪندا رهندا هئا ڀنگ جا پئسا نه ملڻ ۽ مغوي تشدد برداشت نه ڪندي فوت ٿي ويو
غوثپور ٿاڻي جي ايس ايچ او اعجاز احمد کوسو موجب لاش شڪارپور ضلعي جي ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو مان هٿ آيو، شڪارپور پوليس پاڻ سان گڏ لاش کڻائي وئي آهي.