دوڙ ويجهو دماغي طور معذور ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

0
24
دوڙ ويجهو دماغي طور معذور ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج
دوڙ ويجهو دماغي طور معذور ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج

دوڙ ويجهو 15 سالن جي دماغي طور معذور ٻارڙيءَ سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ علائقي واسين جو نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو

مظاهرين چيو ته 10 ڏينهن اڳ جوابدارن خان جمالي ۽ حبدار جمالي 15 سالن جي ذهني طور معذور ٻارڙيءَ جي اجتماعي لڄالٽ ڪئي هئي

 بالو جا قبا ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس کين گرفتار نه پئي ڪري، بااثر جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن، اسان جي نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آهي، زندگين کي خطرو آهي، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي گهرجي ته جوابدار کي گرفتار ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪن