آمريڪا ۾ مردن جي حڪمراني برقرار، ٽرمپ ٻيهر صدر، ڪملا کي شڪست، نيون جنگيون نه ڪندس هلندڙ به ختم ڪرائيندس: ٽرمپ

0
25
آمريڪا ۾ مردن جي حڪمراني برقرار، ٽرمپ ٻيهر صدر، ڪملا کي شڪست، نيون جنگيون نه ڪندس هلندڙ به ختم ڪرائيندس: ٽرمپ
آمريڪا ۾ مردن جي حڪمراني برقرار، ٽرمپ ٻيهر صدر، ڪملا کي شڪست، نيون جنگيون نه ڪندس هلندڙ به ختم ڪرائيندس: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ ) آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ سمورين 50 رياستن ۾ ٿيل پولنگ جي نتيجن موجب ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو آهي. آمريڪا ۾ 47 هين صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪملا هيرس کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو. صدارتي چونڊن ۾ 538 ووٽن مان ڪاميابي لاءِ 270 ووٽ گهربل هئا، ڊونلڊ ٽرمپ 279 ووٽ حاصل ڪري صدارتي چونڊون کٽي ورتيون، جڏهن ته مخالف اميدوار ڪملا هيرس 226 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، رياست انڊيانا، فلوريڊا، اوهائيو، ڪينٽڪي، رياست اوڪلوهاما، الباما، ڏکڻ ڪيرولينا، رياست مسي سپي، آرڪنساس ۾ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿي ويو، ويسٽ ورجينا ۾ به ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو. ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس نيوميڪسيڪو ۾ 5، اوري گن ۾ 8، ڪولوراڊو ۾ 10، مين 1، هوائي 4، واشنگٽن ۾ 12، ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ 3 ۽ ڪيليفورنيا ۾ 54 اليڪٽورل ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، ڪملا سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪيليفورنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. رياست هوائي ۾ ڏهون ڀيرو ڊيموڪريٽ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح ايلي نوائي، نيوجرسي، ميري لينڊ ۽ ورمونٽ ۾ ڪملا هيرس ڪامياب ٿي وئي، ورمونٽ ۾ ڪملا هيرس 3 هزار 77 ووٽ حاصل ڪيا، ڊونلڊ ٽرمپ کي ورمونٽ ۾ 25 سئو 61 ووٽ مليا. ايري زونا، جارجيا، مشي گن، نيواڊا، اتر ڪيرولينا، پينسلوينيا ۽ وسڪونسن اهي ست رياستون آهن جن کي “سوئنگ اسٽيٽس” چيو ويندو آهي ۽ انهن وٽ وائيٽ هائوس جون چاٻيون آهن.ستن ئي رياستن ۾ گڏيل طور تي 93 اليڪٽورل ووٽ گهربل هوندا آهن. سوئنگ رياستن ۾ جارجيا ۾ 16، ڪيرولينا 16، پنسلوينيا 19 اليڪٽورل ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ايري زونا ۾ 11، وسڪونسل ۽ نيواڊا ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ کي سرسي حاصل آهي، ڪملا هيرس مشي گن ۾ 15 ووٽ کنيا. آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ فلوريڊا ۾ وڪٽري اسپيچ ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اڄ اسان تاريخ جوڙي ورتي آهي، آمريڪا هاڻ نين بُلندين کي ڇُهندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جا سمورا معاملا هاڻي ٺيڪ ڪيا ويندا، اهڙي فتح آمريڪن پهريان ڪڏهن نه ڏٺي هوندي، اهڙي سوڀ جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، آمريڪا کي محفوظ، مضبوط ۽ خوشحال بڻائيندس. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ٻيهر عظيم بڻائينداسين، سپورٽرن جو ٿورائتو آهيان، اوهان جي ووٽ کانسواءِ ڪاميابي ممڪن نه هئي. هن وڌيڪ چيو ته هو ڪا به نئين جنگ شروع نه ڪندو پر جنگون ختم ڪندو. ٻئي طرف ڪملا هيرس چونڊن ۾ پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي ۽ هن ڊونلڊ ٽرمپ کي فون ڪري ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون.