پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي: پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيا 20 پئسا في ليٽر گهٽتائي

0
98
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي: پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيا 20 پئسا في ليٽر گهٽتائي
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي: پيٽرول جي اگهه ۾ 10 روپيا 20 پئسا في ليٽر گهٽتائي

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ يا گهٽتائي جو اعلان هر مهيني جي 15 تاريخ ۽ آخري تاريخ تي ڪيو ويندو آهي پر هن ڀيري اگهن ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهٽتائي ڪئي وئي آهي

وزيراعظم آفيس موجب پيٽرول جي اگهه  ۾ 10 رپيا 20 پئسا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ نئون اگهه 258 رپيا 16 پئسا في ليٽر ٿي ويندو

وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي اگهه  ۾ 2 رپيا 33 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ نئون اگهه 267 رپيا 89 پئسا في ليٽر ٿيندو

وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته حڪومت پهرين جون تي پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پئسا گهٽتائي ڪئي هئي

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا

ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف صنعت ۽ برآمدات وڌائڻ لاءِ تاريخي قدم کڻندي صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي

صنعت ۽ برآمدي شعبي لاءِ بجلي جي قيمت 34 رپيا 99 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي

هن کي به پڙهندا

وزيراعظم صنعتن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 10 رپيا 69 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪري ڇڏي