اوٻاوڙو/ رانوتي (رپورٽ: فيض الله سميجو+ نصرﷲ چاچڙ ) رانوتي ڪچي واري علائقي نيڪ موڙ وٽ اڳُوڻي ايم پي اي سردار شهريار خان شر جي گاڏي مٿان ڪمند جي فصل ۾ لڪيل 15 کان مٿي اڻڃاتل هٿياربندن جو حملو جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ ويٺل شهريار خان شر معجزاني طور بچي ويو ۽ سندس ٻي گاڏي ۾ ويٺل سندس ويجهو ساٿي علي محمد شر مارجي ويو ۽ ٻه ڄڻا سهراب شر، جان محمد بگٽي سخت زخمي ٿي پيا
مدد ۾ آيل شر برادري جو وڏيرو پوليس پاران هڪ ڪروڙ انعام يافته روپوش عمر شر به فائرنگ مارجي ويو آهي، جنهن جي مٿان سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي سنگين ڪيس داخل آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهريار خان شر جي هڪ قبائلي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادري سان گڏجاڻي رکيل هئي. واپسي تي هٿياربندن حملو ڪيو آهي
هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس پاران هڪ انعام رکيل روپوش وڏيرو عمر شر سردار شهريار خان شر جي گاڏي ۾ ويٺل هو جيڪو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي
هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس۽ شر برادري جا هزارين ماڻهون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين ۽ زخمين کي سول اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آيا جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي
ٻئي پاسي ايس ايس پي گهوٽڪي پاران وڏي نفري ساڻ ڪري رانوتي ڪچي واري علائقي ۾ پهچي شهريار خان شر کي بڪتربند گاڏي ذريعي باحفاظت رانوتي ڪچي کان اوٻاوڙو طرف پهچايو ويو