ڪوئيٽا ڌماڪو: دهشتگردن کي پوري طاقت سان چٿڻ ۽ آپريشن وڌائڻ جو اعلان، جنگ ۾ ڪاميابي پهريون ۽ آخري آپشن آهي: سرڪار

0
29
ڪوئيٽا ڌماڪو: دهشتگردن کي پوري طاقت سان چٿڻ ۽ آپريشن وڌائڻ جو اعلان، جنگ ۾ ڪاميابي پهريون ۽ آخري آپشن آهي: سرڪار
ڪوئيٽا ڌماڪو: دهشتگردن کي پوري طاقت سان چٿڻ ۽ آپريشن وڌائڻ جو اعلان، جنگ ۾ ڪاميابي پهريون ۽ آخري آپشن آهي: سرڪار

ڪوئيٽا (م ڊ) وفاقي گهرو وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي گڏيل صدارت ۾ اجلاس دوران دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جو فيصلو، شهيدن جي لاءِ دعائون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان کي ترجيحي بنياد تي گهربل وسيلا مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي ختم ڪرڻ بعد سُک سان ويهنداسين، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ بلوچستان سرڪار سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته وفاقي سرڪار جي سهڪار سان پوليس ۽ ليويز جي سگهه وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، صوبائي حڪومت دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، اجلاس ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي بابت شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪوئٽه جي ريلوي اسٽيشن تي ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ سيڪيورٽي صورتحال خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڪوئٽه ريلوي اسٽيشن تي ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ دهشتگردن کي پوري طاقت سان چيڀاٽڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بنائڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌايو ويندو. اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي محسن نقوي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪنداسين. بلوچستان حڪومت کي اوليت جي بنياد تي ضروري وسيلا ڏيڻ جو به اعلان ڪريان ٿو. محسن نقوي چيو ته بلوچستان پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻين فورسز جي تربيت ۽ تعداد وڌائڻ ۾ تعاون ڪنداسين، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون، شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان پوليس ۽ ليويز  جو تعداد وڌائڻ لاءِ قدم کڻنداسين، دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ليويز کي جديد هٿيار ڏينداسين پرعزم آهيون ته بلوچستان مان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين

ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيد فوجي جوان جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

احمدپور (ن پ ا) احمدپور ڳوٺ وڏا کنڀڙا واسي ٻه ڏينهن اڳ ريلوي اسٽيشن ڪوئيٽا تي دھشتگرن جي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ شھيد ٿيل پاڪ آرمي جي حوالدار منير احمد کنڀڙو جو مڙهه فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان شيخ طيب ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ رينجرز آفيسرن سميت علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين توڙي برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، وارثن جو چوڻ هو ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني ڏيڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا، ھنن چيو ته شھيد جا ٻيا 3 ڀائر به فوج ۾ آھن، جيڪي مختلف ھنڌن تي پاڪ آرمي ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رھيا آھن

ڪوئيٽا ڌماڪو: پنجاب اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع

لاهور (م ڊ) ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي ۽ قيمتي حياتين جي نقصان جي مذمت لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي. قرارداد آءِ پي پي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ۽ پي پي 149 مان ايم پي اي چونڊيل شعيب صديقي پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي، جنهن ۾ پرڏيهي ايجنسين جي پاڪستان ۾ مداخلت ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين جي مذمت ڪئي وئي. شعيب صديقي جي قرارداد ۾ 27 ڄڻن جي مارجي وڃڻ تي ڏک جو اظهار ۽ 50 کان وڌيڪ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي آهي. قرارداد جي متن موجب پنجاب اسيمبلي جو اهو ايوان ملڪ جي سمورين صوبائي اسيمبلين جي هڪ جان سمجهيو ويندو آهي ۽ هي ايوان اهو عزم ڪري ٿو ته ملڪ جي چپي چپي جي حفاظت لاءِ عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندو

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ، ڪيترائي شڪي گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته سرچ آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ تيار ٿيل ڪچو شراب به پوليس پڪڙي ورتو. ڊي ايس پي ڪينٽ افتخار احمد ٻرڙو جي سربراهي ۾ شهر جي مختلف علائقن جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز پاران اهو سرچ آپريشن هٽڙي ٿاڻي جي حد جي چانگ ڳوٺ، واڻڪي وسي، افغان بستي، حالي روڊ ٿاڻي جي حد مڪراڻي پاڙي ۽ ٻين هنڌن تي ڪيو ويو. آپريشن دوران مڪراڻي پاڻي ۾ منشيات فروشن جي ٺڪاڻن کي ڊاٺو ويو جڏهن ته ڪجهه هنڌن تان پوليس کي ڪچو شراب به هٿ آيو جيڪو تحويل ۾ ورتو ويو. ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جو چوڻ آهي ته آپريشن جو مقصد منشيات جي وڪري ۽ واهپي کي روڪڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي