قاضي فائز تي لنڊن ۾ حملو، پي ٽي آءِ تي الزام، ڪيس، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو اعلان

0
14
قاضي فائز تي لنڊن ۾ حملو، پي ٽي آءِ تي الزام، ڪيس، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو اعلان
قاضي فائز تي لنڊن ۾ حملو، پي ٽي آءِ تي الزام، ڪيس، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو اعلان

لنڊن / اسلام آباد(م ڊ/ بيورو رپورٽ) برطانيا جي قديمي قانوني درسگاهه مڊل ٽيمپل ۾ تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃڻ مهل پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن احتجاج ڪندي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مٿان حملو ڪري ڏنو، سندس گاڏي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ويا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي حملو ڪري ڏنو. قاضي فائز  جي گاڏي کي نقصان رسيو. پاڪستان حڪومت واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير نادرا کي حملي آورن جي سڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پاڪستاني هاءِ ڪميشن حملو ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۾ 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست سفارتي اختيارن ذريعي ڏني ويندي. سفارتي ذريعن موجب قاضي فائز عيسيٰ تي حملي دوران پاڪستان هاءِ ڪميشن جي گاڏي کي به نقصان پهتو، گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي گاڏي تي حملو مذمت جوڳو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نادرا کي حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته فوٽيجز جي ذريعي حملو ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وڃي. محسن نقوي چيو ته حملو ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن جي خلاف پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ۽ پاسپورٽ رد ڪيا ويندا. گهرو وزير چيو ته جنهن حملو ڪيو انهن جي شهريت فوري طور تي ملتوي ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي. شهريت ختم ڪرڻ جو ڪيس منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينه ڏانهن اماڻيو ويندو ڪنهن کي به اهڙي طرح سان حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي ڪار تي به حملو ٿيو، انهي تي خاموش نٿا ويهي سگهون. اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏنيون ويون  هيون ته پوءِ انهي کي سيڪيورٽي ڇو نه ڏني وئي انهي جي به جاچ ڪئي ويندي.

قاضي فائز مڊل ٽيمپل ۾ پهريون پاڪستاني بينچر، پاڻ، والد ۽ نياڻي به پڙهيا

لنڊن: اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  قانون جي تعليم مڊل ٽيمپل سان حاصل ڪئي هئي، سندس والد ۽ نياڻي به انهي اداري ۾ پڙهيا هئا. مڊل ٽيمپل ۾ بينچرز ٺاهيندڙ ماڻهو اداري جي گورننس جا ذميدوار هوندا آهن. مڊل ٽيمپل جا بينچر سڄي دنيا ۾ عدليه جي مضبوط عهدن تي فائز آهن. تازو ئي قاضي فائز عيسيٰ کي برطانيا جي قديم ترين قانوني درسگاهه مڊل ٽيمپل ۾ بينچر طور شامل ڪيو ويو. هو پهريون پاڪستاني آهي جيڪو مڊل ٽيمپل ۾ بينچر طور چونڊيو ويو.

قاضي فائز جا فيصلا جانبداراڻا هئا، ادارو نظرثاني ڪري: مظاهرين

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ برطانيا جي قديم ترين قانوني درسگاهه مڊل ٽيمپل جو بينچر بڻائڻ واري تقريب جي موقعي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان سخت احتجاج ڪيو  ويو. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته قاضي فائز  جا فيصلا جانبدراڻا هئا، ان کي مڊل ٽيمپل جو بينچر بڻائڻ برطانيا جي قانون خلاف آهي. مڊل ٽيمپل جهڙي معتبر اداري کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي