قاضي احمد ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙي دوران فائرنگ، 7 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

0
161

قاضي احمد ويجهو زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڏاھري ۾ مقاطعي تي ورتل ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جي ڳاهه دوران ڏاهري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو

ٻڌايو پيو وڃي ته ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڌر جا  6  ۽ ٻي ڌر جو هڪ ڄڻو مارجي ويو

جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل، 7 ماڻهن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءَ واري  صورتحال پکڙجي وئي