راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتل اڳواڻ قلم 144 جي وڪڙ ۾ اچي ويا، پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو، ٿوري دير بعد کين وارننگ ڏئي ڇڏي ڏنو، حراست ۾ ورتل اڳواڻن ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، اسد قيصر ۽ صاحبزاده حامد رضا شامل هئا، پي ٽي آءِ اڳواڻن کي باني سان ملاقات بنا واپس اُماڻيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي وارننگ ڏئي روانو ڪيو ويو، قانون جي عملداري هر صورت ۾ ممڪن بڻائي ويندي، ذريعن موجب گرفتارين دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ پوليس ۾ چڪرين جا اطلاع پڻ مليا آهن.