پي ٽي آءِ جا ڪيس نئين چيف جسٽس آڏو کڻي وڃڻ جو اعلان: ججز غائب ٿيڻ نئين ڳالهه ناهي: عمر ايوب

0
27
پي ٽي آءِ جا ڪيس نئين چيف جسٽس آڏو کڻي وڃڻ جو اعلان: ججز غائب ٿيڻ نئين ڳالهه ناهي: عمر ايوب
پي ٽي آءِ جا ڪيس نئين چيف جسٽس آڏو کڻي وڃڻ جو اعلان: ججز غائب ٿيڻ نئين ڳالهه ناهي: عمر ايوب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پاران نئين چيف جسٽس آڏو مخصوص سيٽن جو ڪيس کڻي وڃڻ جو اعلان

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته نئين چيف جسٽس آڏو مخصوص سيٽن سوڌو پنهنجا ڪيس کڻي وينداسين، هن چيو ته بشريٰ بي بي جي صمانت ڪنفرم هئي، بدقسمتي سان ٽرائل جج صاحب پنهنجي سيٽ تي موجود نه هو، ججز جو ڪُرسين تان غائب ٿيڻ نئين ڳالهه ناهي، اسان کي خبر آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڪٿان ڪنٽرول ٿي رهيو آهي

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، عمران خان ۽ سندس گهرواري جي ملاقاتن تي غير قانوني پابندي ختم ڪرڻ ۽ ملاقاتون بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، عمران جي آزادي لاءِ ملڪگير احتجاج لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو

پڌرائي ۾ چيو ويو 26هين آئيني ترميم کي نامڪمل ايوان مان جبر، فاشزم ۽ هارس ٽريڊنگ ذريعي منظور ڪرڻ مذمت ڪريون ٿا، پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

26هين ترميم چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهڙي ذميواري ليگل ڪاميٽي کي ڏني وئي،  ذريعن موجب ڪور ڪاميٽي ۾ ميمبرز شڪايتون ڪيون ته فيصلن متعلق اعتماد ۾ وقت تي ناهي ورتو ويندو