اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ جون ڪوششون، وفاقي راڄڌاني ۾ سڄو ڏينهن ڇڪتاڻ
عمران جي ڀيڻ عليمه، عظميٰ سوڌو 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار، اسلام آباد جا ايندڙ ويندڙ رستا سيل، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل رهي، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور کي برهان انٽر چينج وٽ روڪيو ويو، جتي پڻ چڪريون ٿيون
باني پي ٽي آءِ پاران اڄ عدليه جي آزادي لاءِ لاهور مينار پاڪستان تي احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب پي ٽي آءِ پاران احتجاج جي سڏ تي ڪالهه ڪارڪن جو اسلام آباد ڏانهن رخ رهيو
عمران خان ڊي چوڪ تي هر صورت پهچڻ جي هدايت ڪئي جنهن بعد ڪارڪن ڊي چوڪ پهچي ويا ته پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا، ڊي چوڪ ۽ فيض آباد سوڌو اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، پٿراءُ سبب ايس پي سوڌو 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا
ڊي چوڪ تان پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان ۽ عظميٰ خان سوڌو 30 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا، عليمه خان ۽ عظميٰ خان وومين ٿاڻي تي رکيو ويو، جناح اوينيو چائنا چوڪ ۽ ڊي چوڪ وٽ پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي شيلنگ ڪئي، سوهان ڀرسان ايڪسپريس وي تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون ٿيون
چنگي نمبر 26، موٽر وي ايم ون تي به چڪريون جاري رهيون. اسلام آباد ۾ سڄو ڏينهن توڙي رات دير تائين ڇڪتاڻ وارو ماحول هو. آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته جتي شر انگيزي يا ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ٿيندي، اُتي ڪارروائي ڪئي ويندي
پوليس سڀ ڪجهه قانون ۽ ضابطن ۾ رهندي ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي احتجاج جي موقعي تي جاڙن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، ٻنهي شهرن کي ملائيندڙ رستا بند ڪيا ويا، فيض آباد پُل تي ڊبل ليئر ڪنٽينر رکيا ويا
اسلام آباد ايڪسپريس وي مختلف هنڌن تي سيل ڪيو ويو، ميٽرو بس سروس به اڻڄاتل مُدي تائين معطل رهي، موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هئي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موبائيل فون سروس بند رهي، احتجاج لاءِ ويندڙ ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي
وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور به ڊي چوڪ پهچڻ جو اعلان ڪيو جنهن کي برهان انٽرچينج وٽ ڪيترائي ڪلاڪ روڪيو ويو جتي ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، وزيراعليٰ جو قافلو ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي وئي
پوليس شيلنگ ڪئي، اسلام آباد ويندڙ رستن تان رنڊڪون هٽائڻ لاءِ علي امين گنڊاپور جي قافلن سان گڏ ڳري مشينري به هئي، وزيراعليٰ رات دير تائين انٽرچينج وٽ ڦاٿل رهيو
ذريعن موجب گنڊاپور ضلعي انتظاميا کي رات اٽڪ پل تي ترسڻ جي اجازت لاءِ درخواست ڏني، ذريعن موجب گنڊاپور رات اتي ترسي صبح سان ڊي چوڪ پهچڻ جو فيصلو ڪيو
هوڏانهن عمران خان ڪالهه ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پرامن احتجاج لاءِ ڊي چوڪ پهچو، لاهور واسي 5 آڪٽوبر تي مينار پاڪستان تي احتجاج جي تيار ڪن، هن چيو ته هي جنگ فيصلائتي مرحلي ۾ آهي، اسان پنهنجي حقيقي آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون، اقتدار تي قابض ظالم اسان کان ڊنل آهن